ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ستين سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس جي قرارداد پيش ڪئي، جنهن کي ايوان متفقه طور منظور ڪري ورتو. سوالن جي وقفي دوران اظهارِ خيال ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صحت کاتي جي ايمبولينسز کي واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ڪهڙين حالتن ۾ سائرن ۽ لائيٽس جو استعمال ڪرڻو آهي. سندس موجب، مريض کي کڻڻ ۽ اسپتال پهچائڻ دوران ئي سائرن وڄايو ويندو آهي. هن ٻڌايو ته ٽرانسپورٽ کاتي پاران وڌيڪ نيون بسون خريد ڪرڻ جو عمل جاري آهي، ڪجهه بسون پورٽ تي پهچي چڪيون آهن هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ سگنلز جي حوالي سان ڊي آئي جي ٽريفڪ، ٽرانسپورٽ کاتي ۽ ٽريفڪ اختيارين کي هدايتون ڏيندو آهي، جڏهن ته انهن هدايتن تي عمل ڪرائڻ ٽرانسپورٽ کاتي جي ذميواري آهي. شهر ۾ 12 نوان ٽريفڪ سگنلز لڳايا ويا آهن،ٽريفڪ سمارٽ سسٽم ۽ سمارٽ سٽي منصوبي تي به ڪم جاري آهي، هن ٽرانسپورٽ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته لاڙڪاڻي ۾ غير قانوني ٽرمينلز کي فوري طور ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت مفت اي وي (EV) اسڪوٽي اسڪيم شروع ڪئي آهي. پهرين سڄي سنڌ ۾ صرف 150 عورتن وٽ موٽرسائيڪل جو ڊرائيونگ لائسنس هو، جڏهن ته هاڻي 15 هزار عورتن لائسنس لاءِ درخواستون ڏنيون آهن. جن عورتن وٽ لائسنس هوندو انهن کي مفت اي وي اسڪوٽي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪراچي ۾ مختلف ميگا پروجيڪٽس جاري آهن جتي روڊن جا مسئلا آهن اتي سنڌ حڪومت عملي قدم کڻي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي جي انفراسٽرڪچر لاءِ باقاعده بجيٽ مختص ڪري رکي آهي.