حيدرآباد (رپورٽر) اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ سنڌ حيدرآباد جو ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ حيدرآباد جي منظوري سان ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس حيدرآباد تي ڇاپو ڪروڙين روپين جي شڪي ڏيتي ليتي جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته اهڙي ڪارروائي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ عمران ڏاوچ جي منظوري سان ڪئي وئي. ڪارروائي فيملي پينشن اڪائونٽن ۾ منظم ۽ وڏي پيماني تي ٿيندڙ مبينا ڪرپشن بابت مليل شڪايت جي بنياد تي ڪئي وئي. ڪارروائي جي اڳواڻي اسرار احمد ڀٽو ڪئي، جڏهن ته ساڻس گڏ عبدالمنان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ۽ اينٽي ڪرپشن ٽيم شامل ھئي. ڇاپو هڻندڙ ٽيم موجب ڇاپي دوران مليل رڪارڊ ۾ وڏيون بي ضابطگيون سامهون آيون آهن. ڪيترن ئي فوت ٿيل ماڻهن جي نالن تي ڪوڙين ادائگين وارا فائيل به مليا آهن. مليل رڪارڊ موجب سرڪاري اڪائونٽن بجاءِ خانگي بينڪ جي جعلي ڪاروبار اڪائونٽن ۾ رقم منتقل ڪرڻ جا ثبوت مليا آهن. هڪ ڪيس ۾ 26 لک رپيا جعلي طريقي سان ڪڍرايا ويا ۽ ڪروڙين روپين جي خرد برد جا ثبوتن پڻ مليا آهن. جڏهن ته 2024 کان هن وقت تائين ڪروڙين روپين جي شڪي ڏيتي ليتي جو رڪارڊ به هٿ ڪيو ويو آهي. ٽيم موجب اهم سرڪاري رڪارڊ. پينشن فائيل ۽ لاڳاپيل دستاويز تحويل پڻ ۾ ورتا ويا آهن. ملوث اهلڪارن ۽ عملدارن جي ڪردار جو جائزو ورتو پيو وڃي. جاچ بعد ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندو.