حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي دانشورن. سماج سڌارڪن ۽ قومپرست اڳواڻن چيو ته سنڌ مختلف رخن کان گهيري هيٺ اچي چڪي آهي. نوان قانون پاس ڪري سنڌ جي وحدت. وسيلن. زمين ۽ شهرن تي قبضي جي سازش سٽي پئي وڃي سگهاري جدوجهد ذريعي سمورين سنڌ دشمن قوتن سان مقابلو ڪيو ويندو. ڪا به اهڙي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي جيڪا سنڌ تي وار هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌ عوامي فورم طرفان حيدرآباد ۾ ڪوٺايل مچ ڪچهري دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن مچ ڪچهري ۾ سنڌ عوامي فورم جي چيئرمين حبيب خان جتوئي. مرڪزي وائيس چيئرمين انور حاجاڻو. امرشي ٺاڪر. ڊاڪٽر حسن لغاري. هاري ڪميٽي جي سربراهه اڪبر خان جتوئي. ڊيموڪريٽڪ الائينس جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ستار سرڪي. وڪيل اڳواڻ ڪي بي لغاري. اسلم لغاري ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته 26هين ۽ 27هين ترميم پاس ڪري سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آهي. ناڻي ۽ پاڻي تي ڌاڙي هڻڻ لاءِ نوان قانون آندا پيا وڃن. سنڌ کي ڪالوني طور هلايو پيو وڃي. سنڌي عوام جي قسمت جا فيصلا وفاق ۾ ويٺل ماڻهو سنڌ جي مرضي کان سواءِ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ دشمن قوتن سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ چئني طرفن کان سنڌ کي مختلف قسمن سان گهيري ۾ آڻي ورتو آهي. پر اسين کين واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جا جوڌا پٽ ڪنهن به سنڌ دشمن قانون ۽ عمل کي برداشت نه ڪندا. هر فورم تي آواز اٿاريو ويندو. هنن چيو ته سنڌ صدين کان آزاد وطن رهيو آهي. سنڌي هڪ باوقار ۽ امن پسند قوم طور سڃاتي وڃي ٿي.