تهران(م ڊ) ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي اڳوڻي سيڪريٽري علي شمخاني خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا جي ڪنهن به فوجي ڪارروائي کي مڪمل پيماني تي جنگ جي شروعات سمجهيو ويندو. علي شمخاني چيو ته حملي جي جواب ۾، ايران هڪ فوري، جامع ۽ بي مثال جواب ڏيندو، جنهن ۾ تل ابيب کي نشانو بڻائڻ شامل هوندو. ايراني نيوز ايجنسي موجب، ايران جي قومي دفاع ڪائونسل جي ميمبر علي شمخاني، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي فوجن جي تازي مقرري جي جواب ۾ پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ پيغام ۾ خبردار ڪيو. علي شمخاني محدود فوجي حملي جي خيال کي رد ڪندي چيو ته آمريڪا جي ڪنهن به ڪارروائي کي جنگ جي شروعات سمجهيو ويندو. هن لکيو ته ‘محدود حملو هڪ وهم آهي. "آمريڪا جي ڪنهن به فوجي ڪارروائي، ڪٿي به ۽ ڪنهن به سطح تي، جنگ جي شروعات سمجهي ويندي ۽ جواب فوري، جامع ۽ بي مثال هوندو، تل ابيب جي دل ۽ جارحيت جي سڀني حامي کي نشانو بڻايو ويندو.
ايران ۽ آمريڪا جنگ جا اثر پاڪستان پهچڻ جو امڪان
اسلام آباد (عاصما شيرازي) آمريڪا ايران خلاف پنهنجي فوجي موجودگي ۽ دٻاءُ وڌائي رهيو آهي ۽ ايران خلاف مختلف آپشنن تي غور ڪيو پيو وڃي. ان ئي ڏس ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي 26 جنوري تي ٽريول ايڊوائزري جاري ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان کي سڪيورٽي خدشن سبب ليول ٿري تي رکيو ويو آهي، دهشتگردي، ڏوهن، شهري بدامني ۽ اغوا جي خطرن جو ذڪر ڪندي هوٽلن، بازارن، ٽرانسپورٽ، عبادتگاهن ۽ سرڪاري عمارتن کي امڪاني هدف قرار ڏنو ويو جڏهن ته خيبرپختونخوا جي ڪجهه علائقن کي ليول فور ۾ شامل ڪيو ويو. هوڏانهن آمريڪا سمجهي ٿو ته ايران جو نظام سپريم ليڊر ۽ انقلابي گارڊن ۾ ورهايل آهي ڪنهن متبادل قيادت جو تعين سولو نه هوندو. ايران چيو آهي ته هو آمريڪا جي ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيندو. اها صورتحال نه رڳو خطي پر پاڪستان لاءِ به اهم ۽ حساس آهي، جنگ ٿي ته ان جا اثر پاڪستان تائين به پهچي سگهن ٿا. ان ئي ڏس ۾ پاڪستان واضح طور تي اعلان ڪيو ته هو نه ابراهيم معاهدي جو حصو آهي ۽ نه ئي ڪنهن اسٽيبلائزيشن فورس ۾ شامل ٿي رهيو آهي.