ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ نيٽي جيٽي پل تي تيز رفتار واٽر ٽينڪر موٽرسائيڪل سوار کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، رپورٽ موجب حادثو نيٽي جيٽي پل تي پيش آيو جڏهن واٽر ٽينڪر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن تي ٻه ماڻهو سوار هئا، ڊاڪس ٿاڻي جي ڊيوٽي آفيسر نادر ٻڌايو ته نيٽي جيٽي پل، آئي سي آءِ چوڪ جي ويجهو واٽر ٽينڪر موٽرسائيڪل سان ٽڪرايو پوليس اهلڪار ۽ هڪ نوجوان سوار هئا، ٽريفڪ حادثي ۾ ٻئي موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويا، ۽ انهن جا لاش ريسڪيو ايمبولينس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا،فوت ٿيلن جي سڃاڻپ 28 سالن جو گلفام ولد سلامت علي ۽ 30 سالن جو عامر ولد شريف طور ٿي، فوتي گلفام پوليس اهلڪار هو ۽ گارڊن ٿاڻي تي مقرر هو، ٻئي نوجوان لياري جا رهواسي ۽ هڪ ئي پاڙي جا هئا، پوليس واٽر ٽينڪر کي قبضي ۾ وڃي ڊرائيور جمعه خان کي گرفتار ڪري ورتو.