لاهور (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون خطري ۾ پئجي ويون آهن. ڀارت ۽ يورپي يونين وچ ۾ واپاري معاهدي کان پوءِ پاڪستان کي 9 ارب ڊالر جي نقصان جو انديشو آهي. اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ڪاروباري شخصيت گوهر اعجاز چيو آهي ته گذريل سال يورپي يونين کي 9 ارب ڊالر جي برآمد، جنهن ۾ ٻڙي ٽيرف سهولت هئي هاڻي اهو رعايتي دور ختم ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته ساڳي ٻڙي ٽيرف سهولت هاڻي يورپ ۾ علائقائي مخالف ملڪن (ڀارت) کي ڏني پئي وڃي. پاڪستان جي حڪومت کي صنعت کي توانائي، ٽيڪس ۽ مالي خرچن تي علائقي جي ٻين ملڪن جي برابر مقابلي وارو بڻائڻ گهرجي. صنعت هاڻي نظام جي ناڪامين جو بار برداشت نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اڄ فيصلو ڪرڻو پوندو، ڇو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون خطري ۾ آهن. ياد رهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هن معاهدي کي سڀني معاهدن جي ماءُ قرار ڏيندي چيو ته معاهدي سان لکين ماڻهن لاءِ معاشي موقعا پيدا ٿيندا. ڀارت آزاد واپاري معاهدي تحت 27 ملڪن جي يورپي يونين لاءِ پنهنجي وسيع پر محفوظ مارڪيٽ کوليندو. يورپي يونين هن وقت ڀارت جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي.
نيو يارڪ (عوامي آواز رپورٽ) تجزئي نگار عائشا صديقا ڊجيٽل پليٽ فارم تي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ڀارت ۽ يورپي يونين وچ ۾ 15 کان 20 سالن کان ڳالهيون جاري هيون ۽ هاڻي فري ٽريڊ معاهدو ٿيو. ڀارت وڏي منڊي آهي ان لاءِ معاهدن ۾ وقت لڳي ٿو، ڀارت ۽ برطانيا وچ ۾ به معاهدو ٿيو هو. يورپ هن وقت اهڙي مرحلي ۾ آهي جتي احساس وڌي ويو آهي ته هو ٽيڪنالاجي، معيشت ۽ مالي ميدان ۾ حد کان وڌيڪ آمريڪا تي ڀاڙي ٿو. ٽرمپ جي دور ۾ نيٽو ۽ آمريڪا سان لاڳاپا ڪمزور ٿيڻ بعد يورپ فيصلو ڪيو ته کيس پنهنجي صنعت ۽ معيشت پاڻ مضبوط ڪرڻي پوندي ان لاءِ متبادل رستا اختيار ڪرڻا پوندا. ان ڏس ۾ ڀارت جي 2 ارب آبادي تي منڊي يورپ لاءِ پرڪشش آهي. ان جي نتيجي ۾ پاڪستان لاءِ جي ايس پي پلس ۽ ٻين واپاري سهولتن تي به اثر پئجي سگهن ٿا جن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.