سانگھڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ) سانگھڙ ۾ ڊسپينسر سليم آرائين جي بي رحماڻي قتل خلاف فيڊريشن آف ڪامرس سانگھڙ جي سڏ تي مڪمل شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي جنھن سبب شهر جون اهم بازارون، دڪان ۽ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته شهر ۾ خوف ۽ عدم تحفظ جي فضا ڇانيل رهي، سانگھڙ ۾ ٽي ڏينهن اڳ پيش آيل واقعي ۾ جڏهن ڊسپينسر سليم آرائين پنهنجي ڪلينڪ بند ڪري گهر وڃي رهيو هو ته رحمت شاھ چوڪ ڀرسان جامع مسجد جي پويان موٽر سائيڪل سوارن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.زخمي کي فوري طور سانگھڙ جي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان شرواعتي علاج بعد کيس نوابشاھ ۽ پوءِ ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ريفر ڪيو ويو، پر هو زخمن جا سور نه سھندي علاج دوران فوت ٿي ويو. پوليس موجب حملي آور واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويا، واقعي کانپوءِ شهر ۾ فائرنگ ۽ بدامني جي وڌندڙ واقعن سبب عوام ۾ سخت پريشاني پکڙجي وئي آهي. فيڊريشن آف ڪامرس سانگھڙ قاتلن جي فوري گرفتاري، مقتول جي وارثن سان همدردي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ جي مطالبن تي پرامن شٽر ڊائون هڙتال جو اعلان ڪيو هو، جنهن کي واپارين ۽ شهرين وڏي پيماني تي ڀرپور موٽ ڏني. مختلف سياسي اڳواڻن، جن ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري ۽ ن ليگ جي اڳواڻ ملڪ امتياز الحق شامل آهن، واقعي جي سخت مذمت ڪندي حڪومت کان امن امان جي بحالي جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي شهرين چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فوري ڪارروائي ڪري شهر ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻين، ٻي صورت ۾ اهڙا واقعا وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهن ٿا. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن.