سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ) سانگهڙ جي شاد بانو ملاح زيادتي ڪيس ۾ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (JIT) چوٽياريون ٿاڻي جي ايس ايچ او اعظم ڀنگوار ۽ ڪيس جي جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر عبدالحڪيم کي فرضن ۾ غفلت ثابت ٿيڻ تي معطل ڪري ڪيس مان الڳ ڪري ڇڏيو، جي آءِ ٽي جوابدار وزير راڄڙ کي علائقي جي مئجسٽريٽ ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ سانگهڙ ۾ پيش ڪيو، پوليس عدالت کان وڌيڪ اٺ ڏينهن جو جسماني ريمانڊ گهريو هو، پر عدالت پوليس جي درخواست رد ڪندي جوابدار وزير راڄڙ کي جيل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، جي آءِ ٽي ڪيس جي مدعيه، متاثره ڇوڪري شاد بانو ملاح جو بيان پڻ رڪارڊ ڪيو، شاد بانو ملاح جي آءِ ٽي کي ٻڌايو ته جوابدار وزير راڄڙ کيس هٿيار جي زور تي گهر مان اغوا ڪري پنهنجي جاءِ تي وٺي ويو ۽ زبردستي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، ان بيان کان پوءِ جاچ دوران پوليس جوابدار کان غير قانوني پسٽل ۽ گوليون برآمد ڪيون، جنهن تي جوابدار وزير راڄڙ خلاف ڪيس نمبر 04/2026 پوليس اسٽيشن چوٽياريون ۾ دفعو 24 سنڌ آرمس ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو، ان کان علاوه، جي آءِ ٽي واقعي جي مک ڪيس نمبر 03/2026 پوليس اسٽيشن چوٽياريون جو بارڪ بيني سان ۽ قانوني پهلوئن کي نظر ۾ رکندي جائزو ورتو، جنهن ۾ وڌيڪ دفعات شامل ڪيون ويون، جن ۾ دفعو 506/2 (موت مار ڌمڪيون)، 452 (غير قانوني طور ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿي نقصان پهچائڻ) شامل آهن، ان سان گڏ شق 365 (اغوا ڪري ڳجهي هنڌ تي ناجائز قيد ڪرڻ) پڻ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته 3 ٽي آءِ پي ايڪٽ 2018 جي سيڪشن پڻ شامل ڪئي وئي آهي، جنهن تحت ڪنهن انسان کي زبردستي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ انساني اسمگلنگ جو جرم قرار ڏنو ويو آهي.