ڇوڪري سوڌو پنج گم ٿيل ماڻهو آزاد نه ٿيا، ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سليم جيسر جي آئيني بينچ ۾ هڪ ڇوڪري سميت پنجن گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، عدالت گم ٿيل شهري شاڪر خان جي بازيابي لاءِ درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن عدالت 26 فيبروري  تي سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان جواب طلب ڪيو آهي، ڪلري پوليس اسٽيشن علائقي مان گم ٿيل شهري عبدالحميد ذاتي طور تي عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت گم ٿيل شهري جي محفوظ واپسي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته عبدالحميد ڪلري علائقي مان گم ٿي ويو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس سندس گرفتاري ظاهر ڪئي، درخواست داخل ڪرڻ جو مقصد حل ٿي ويو آهي، گم ٿيل شهري واپس اچي ويو آهي، ماڊل ڪالوني علائقي مان گم ٿيل ڇوڪري ڪرن ۽ شهري تنوير احمد جي گم ٿيڻ تي پڻ رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.