ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا اليڪٽرڪ گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽيڪس ۾ رعايتن واري پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ غير تجارتي اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ ٽيڪس ۽ رجسٽريشن مراعتن ۾ وڌيڪ 2 سالن جي واڌ ڪئي وئي، جيڪي 29 مئي 2028 تائين جاري رهنديون.
منظوري موجب، اليڪٽرڪ گاڏين جي رجسٽريشن فيس 1000 رپيا، غير تجارتي اليڪٽرڪ گاڏين جو ساليانو موٽر وهيڪل ٽيڪس 500 رپيا ۽ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن تي 500 رپيا هڪ ڀيرو تاحيات موٽر وهيڪل ٽيڪس برقرار رهندو.
سنڌ ڪابينا جو پاسڪو کان 2 لک 23 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو
اجلاس دوران سنڌ ڪابينا پاسڪو کان 2 لک 23 هزار 455 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ ۽ صوبي ۾ ڪڻڪ جا ذخيرا مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل منصوبي جي منظوري پڻ ڏني.
سنڌ حڪومت ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) ذريعي 3 لک ميٽرڪ ٽن درآمدي ڪڻڪ پڻ خريد ڪندي.
ڪابينا موجب، پاسڪو کان حاصل ٿيندڙ هڪ لک 30 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ڪراچي، جڏهن ته 30 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ حيدرآباد ۽ ڄامشورو منتقل ڪئي ويندي. شهيد بينظيرآباد ۽ سانگهڙ ۾ موجود ڪڻڪ جا ذخيرا برقرار رکيا ويندا.
سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي خريداري لاءِ 23 ارب 13 ڪروڙ 60 لک رپيا جاري ڪري چڪي آهي، جڏهن ته ڪڻڪ جي منتقلي لاءِ 2 ارب رپيا پڻ جاري ڪيا ويا آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪڻڪ جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻ حڪومت جي ترجيح آهي، جڏهن ته ڪڻڪ جي خريداري ۽ درآمد جو مقصد صوبي ۾ غذائي تحفظ يقيني بڻائڻ آهي.
سنڌ ڪابينا جو اهم فيصلو، اليڪٽرڪ گاڏين تي ٽيڪس ۽ رجسٽريشن ۾ رعايت جاري رکڻ جي منظوري
You might also like