لاڙڪاڻو شهر جيڪو سنڌ جي تاريخي شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو، ان شهر ۾ پنهنجي دور جو هڪ قافلا سراءِ يعني واپار سانگي ايندڙ قافلن جو مسافر خانو ۽ ساهه پٽڻ، گڏ ٿيڻ جو هنڌ هوندو هو، پاڪستان ٺهڻ جي سانحي کان اڳ واري نسل وٽ قافلا سراءِ کان وٺي جيلس بازار وٽان لنگهندڙ گهاڙ واهه مٿان ٺهيل پل، گهاڙ واهه ۾ هلندڙ واپاري ٻيڙن، شاهه بهارو جي دور جي خسته شڪل، خراب ۽ ڀرندڙ حالت ۽ دادو ڪئنال کان پرڀرو سنڌو درياهه جي ڦوهه جواني جون رقص ڪندڙ دلربا ڇولين جو نظارو سوين اکين ۾ سمائجي نئين نسل ۾ منتقل ٿيڻ بدران قبرستانن جي مايوس قبرن جي اونداهين ۾ گم ٿي ويو، پر جيڪي لاڙڪاڻي پرڳڻي جا ڪجهه شاهدي ڏيندڙ داڻا پنهنجا قصا ڳالهين ۾ يا لکڻين ۾ اسان جي ۽ ايندڙ نسل جي حوالي ڪري ويا آهن، انهن ۾ هڪڙو وڏو نالو گل محمد گاد آهي، جيڪو دادو ۽ سنڌو درياهه جي پرئين ڪپ تان لڏندو جهومندو لاڙڪاڻي شهر جي اسڪولن ۽ قديم محلن ۾ ڪڏندو نيٺ آخر قافلا سراءِ ۾ پنهنجي جسماني وڇوڙي تائين لاڙڪاڻي جي قديم تاريخ جون آکاڻيون ٻڌائيندو رهيو ۽ رائل چوڪ تي ريجهو مل جي شيشي ۾ بند مجسمي کي ڀارت کان آيل دهشتگردن هٿان بي حرمتي سان ڊهندو ڀرندو ڏسڻ جا دردناڪ قصا ٻڌائيندي لاڙڪاڻو شهر سان پنهنجي امر محبت جو اظهار ڪندي پنهنجي ڀر ۾ نئين شهر، جنهن کي بعد ۾ علي گوهر آباد جي نالي سان مشهور ڪيو ويو، اتان ٿيندو سرلا ديوي جي اسپتال ۽ راڳ مان گهمندو ڦرندو لاهوري، دڙي محلي، ڪرمان باغ، جيلس،کٽاڻ بازار، تجر باغ، ريلوي اسٽيشن تان گهمندو سنڌ يونيورسٽيءَ تائين پهتو، کيس شروع ۾ شڪارپور به نصيب ۾ مليو، پر هو عاشق ته لاڙڪاڻي شهر جو هو، جنهن کيس بي چين ڪري پنهنجي محبوب شهر جي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو، جيڪو آخر تائين قائم رهيو.
گل محمد گاد صرف ان ڳالهه ۾ لاڙڪاڻي جو ديوانو نه هو، جنهن جي اکين ۽ دماغ ۾ لاڙڪاڻي جي قديم ۽ جديد تاريخ، اديب، ادبي سرگرمين، سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، رسول بخش پليجي سميت لاتعداد اديبن، شاعرن، سياستدانن، سياسي ڪارڪنن جي صحبت به نصيب ۾ آئي هئي، پر هن جو لاڙڪاڻي شهر، اڳوڻي ضلعي جنهن ۾ شهدادڪوٽ، قمبر ۽ ميروخان به موجود هئا، انهن سموري ضلعي جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ۽ لاڙڪاڻو جي قديم ۽ نون عاشقن مٿان ” لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ” جهڙو تاريخي تحقيق ڪتاب لکي هڪ وڏو احسان ڪري ويو آهي،
سائين گل محمد گاد لاڙڪاڻي شهر ۽ ضلعي جي قديم شاهدن جي لکيل قصن کي شهر جي مرتب ٿيل تاريخ ۾ محفوظ ڪري ڏئي ويو آهي، جيڪي قديم لاڙڪاڻي جا شاهد حال حيات نه آهن يا جبرن ڀارت موڪليا ويا آهن، انهن سڀني جي اکين ۾ لاڙڪاڻي جي پراڻن قصن ۽ دلين ۾ سانڍيل ڪهاڻين کي اکرن جي صورت مان ” لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ڪتاب ۾ محفوظ ڪري پاڻ به ان ۾ امر ٿي ويو آهي. جنهن جو هڪڙو شاهد مان خود به آهيان ته گل محمد گاد جي يادگيرين ۾ ان ڪتاب جون ٻه يادگيريون شامل ٿي ويون آهن، انهن يادگيرين ۾ گل محمد گاد جهڙي غير معمولي شخص وٽ انهن سڀني هم عمر يا ننڍڙن نوجوانن، وچين عمر جي لاڙڪاڻي جي ٻين عاشقن سان به لڳاءُ يا محبت هوندي هئي، انهن نالن ۾ منهنجي وڏي ڀاءُ ۽ ليکڪ لياقت علي راڄپر سان به بيحد گهڻي ڀائپي هوندي هئي، ڇو ته هو به لاڙڪاڻي شهر جو قديم شهري، ان جي سئنيمائن، روڊن رستن، گهٽين، بازارين جو رولاڪ شهري هو، جيڪو لاڙڪاڻو جي تاريخ ۽ شخصيتن جي قصن کي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ قلمبند ڪندو رهيو، پر هن جي زندگي ۽ مرڻ بعد هن جو ڪوبه ڪتاب شايع نه ٿي سگهيو، نه هن جي پويان ڪو لياقت شناس دوست ظاهر ٿيو نه ئي هن جي ڪروڙ پتي گهر ڀاتين ۾ ڪو ادب، سماج ۽ تاريخ جو پڙهيل فرد پيدا ٿيو نه ئي سندس اولاد ۾ ڪو پيءُ جي ڪيل ڪم ۽ ڪتابن جي شناس رکي سگهيو.
لياقت علي گذاري ويو ته گل محمد گاد کي جيڪو صدمو رسيو هو، ان جو هو بار بار ذڪر ڪندي روئڻهارڪو ٿي ويندو هو، لياقت ۽ منهنجو والد ڪرونا جي آدم بوءِ جي فضا ۾ گذاري ويا هئا، گل محمد اچي ته نه سگهيو پر سندس دل ۽ دماغ تي لياقت علي جي بي وقتائتي موت جو آخر تائين جهير ڏنل زخم مان صدمي جا ٽيپا وهندا رهيا. گل محمد گاد کي جڏهن خبر پئي ته منهنجو والد عبدالقادر راڄپر بيمار آهي ته هڪ ٻه دفعا لياقت علي جي موجودگي ۾ پنهنجي نينگر لطيف گاد سان گهر آيو ۽ بعد ۾ مون سان به فون تي والد جي طبعيت بابت پڇندو رهندو هو ۽ شاباس ڏيندو هو ته توهان ٻنهي ڀائرن پنهنجي پيءُ جي بهتر خدمت ڪئي آهي. گل محمد گاد کي جڏهن منهنجي بيماري جي خبر پئي ته مان پنهنجي سٺي صحت جي آخري ڏينهن تائين بار بار منهنجي طبعيت جو الڪو رکندي گهڻو وقت فون تي ڳالهائيندو هو ۽ بيماري جي بستري تي اچڻ بعد به جيستائين هن جي زبان ڪم ٿي ڪيو ته هن ڪجهه لفظ ضرور ڳالهايان. گل محمد گاد سڄو شهر پنڌ گهمندو هو، ائمپائر روڊ کان وٺي لاهوري محلي ۾ ناليج سينٽر ۽ شاهنواز ڀٽو لائبريري تائين هر ادبي، ثقافتي ۽ سماجي سياسي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو هو، مان کيس نظر محلي جي قلوپطره سينيما کان رحمت پور، ڪني مشين، الله آباد ۽ مراد واهڻ تائين گھمندي ڦرندي ڏسي ساڻس ڪجهه لمحن لاءِ صحبت وٺڻ جو شرف حاصل ڪندو هوس، جڏهن لاڙڪاڻي جو تعلقي ناظم نذير احمد شيخ ٿيو تڏهن به گل محمد گاد سان قديم تاريخي ميونسپل ڪاميٽي جي آفيس ۽ شيخ محلي ۾ آباد نذير احمد شيخ جي اوطاق ۾ شيخ ويلفيئر آفيس ۾ رات جو هڪ وڳي تائين ڪچهري ڪندو رهندو هئس.
افسوس ته غير معمولي انسان هيءَ دنيا ڇڏي هليا ويا، پر هنن جون سحر انگيز يادون سدائين پاڇي وانگر گڏ هلن ٿيون. لاڙڪاڻي جو عاشق گل محمد گاد جيڪو پنهنجن ٻين قصن سان گڏ يادگيريون اسان جي دلين ۽ دماغن ۾ محفوظ ڪري ويو آهي، ان ۾ سندس مرتب ڪيل ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ هن جي يادگيري جي هڪ وڏي ميراث آهي، گل محمد گاد جي زندگيءَ ۾ وڏي خواهش هئي ته ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو اچڻ گهرجي، جو هر ڪو ان ڪتاب بابت پڇا ڪندو ۽ کانئس اهو ڪتاب گهرندو هو، سندس نينگر لطيف گاد والد جي بيماري دوران وڏي ڪوشش ڪئي ۽ ڪتاب ڪمپوز به ڪرايو، سنڌي ادبي بورڊ سان به لڳاتار رابطي ۾ رهيو، هن جي ڪوشش هئي ته والد جي زندگيءَ ۾ ئي اهو ڪتاب اچي ۽ شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ ان جي مهورت ٿئي، پر ايئن ٿي نه سگهيو. ان سلسلي ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي نئين چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻي کي گهرجي ته هو ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ جي ٻئي پاسي لاءِ ذاتي دلچسپي وٺي ڪوشش ڪري ته جيئن گل محمد گاد جو تاريخي پورهيو عام پڙهندڙن تائين پهچي سگهي.
گل محمد گاد جي چاليهي جي موقعي تي هن جي يادگيرين سان گڏ ان ڏک جو به احساس ٿي رهيو آهي ته لاڙڪاڻي شهر جي هن منفرد شخصيت جي زندگيءَ، وفات بعد شهر جي ڪنهن به علمي ادبي اداري يا سندن دوستن کيس ڀيٽا ڪرڻ پيش ڪرڻ لاءِ ڪو تعزيتي پروگرام وغيره نه ڪيو. هونئن ته گل محمد گاد جهڙا غير معمولي انسان انهن ڳالهين کان مٿانهان هوندا آهن، پر معاشري ۽ دوستن جو به اخلاقي فرض هوندو آهي ته پنهنجي قومي هيرن کي وسارڻ نه گهرجي.