گل پلازا اهڙو سانحو آهي، جنهن کي ڏهاڪن تائين وساري نه سگهبو. هي حادثو رڳو هڪ عمارت جو نه، پر اسان جي حڪمراني، شهري منصوبابندي ۽ ريگيوليٽري نظام جي گڏيل ناڪاميءَ جي علامت آهي. هر وڏي حادثي کان پوءِ حڪومتي اعلان، انڪوائري ڪميٽيون ۽ عارضي معطليون ته سامهون اينديون آهن، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا پاليسي سازيءَ جي بنيادي خامين کي دور ڪيو وڃي ٿو؟ بدقسمتي سان ان جو جواب نه ۾ آهي. شهري علائقن ۾ پلازن جي تعمير لاءِ جيڪي قانون موجود آهن، اهي رڳو ڪاغذن تائين محدود ٿي ويا آهن. نقشا منظور ڪرائڻ، فائر سيفٽي، ايمرجنسي خارجي رستا، پارڪنگ ۽ عمارت جي بار برداشت ڪرڻ جي صلاحيت جهڙا بنيادي تقاضا يا ته نظرانداز ڪيا وڃن ٿا يا رڳو رشوت جي زور تي “پورا” ڪرايا وڃن ٿا. گل پلازا جهڙا واقعا ان ڳالهه جي چٽي نشاندهي ڪن ٿا ته حڪومتي ادارا نه رڳو ڪمزور نگراني ڪن ٿا، پر ذميواريءَ جو تعين به واضح نٿو ٿئي.
هي سانحو اسان جي بي حسي، ناقص حفاظتي انتظامن ۽ ڪمزور حڪومتي نگراني کي وائکو ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ منٽن اندر ڀڙڪندڙ باهه نه رڳو درجنين قيمتي جانيون ڳڙڪائي ويئي، پر 76 ڄڻا اڃا تائين لاپتا آهن. پلازا ۾ لڳندڙ باهه ايتري تيزي سان پکڙجي ويئي جو عمارت اندر موجود سوين ماڻهن کي نڪرڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهيو، جنهن جو وڏو سبب ٻاهرين رستن جو بند هجڻ ٻڌايو وڃي ٿي. فائر الارم، ايمرجنسي خارجي رستا، فائر فائٽنگ جا اوزار ۽ تربيت يافته عملي جهڙيون سهولتون ڪنهن به ڪمرشل عمارت لاءِ لازمي هونديون آهن، پر بدقسمتي سان گل پلازا ۾ اهي سهولتون يا ته موجود ئي نه هيون يا رڳو ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود هيون.
گل پلازا ڪراچي ۾ هر طبقي سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ خريداريءَ جو هڪ مشهور مرڪز هو. شروعات ۾ هي عمارت ٽن منزلن تي ٻڌل هئي، پر انتظاميا جي ملي ڀڳت سان غيرقانوني طور چوٿين منزل جو اضافو ڪيو ويو ۽ 180 کان وڌيڪ دڪان تعمير ڪيا ويا. ان سان گڏ خارجي رستن تي به دڪان ٺاهيا ويا، جيڪي ماڻهن جي موت جو وڏو سبب بڻيا.
بزنس ڪميونٽي سان تعلق ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) بزنس فورم جي مرڪزي صدر جي حيثيت سان، مون بزنس فورم جي سينيئر عهديدارن سان گڏ سانحي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان همدرديءَ جي اظهار ۽ تاجر برادريءَ سان يڪجهتي لاءِ آتشزدگيءَ جي ٻئي ڏينهن واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو. اتي جيڪي دل ڏکوئيندڙ منظر ڏٺا، سي ناقابلِ فراموش هئا. جيتوڻيڪ 33 ڪلاڪن کان پوءِ وڏي مشڪل سان باهه تي ضابطو آندو ويو، پر سڙيل عمارت مان اڃا به دونهون نڪري رهيو هو، عمارت جو اڌ کان وڌيڪ حصو زمين بوس ٿي چڪو هو، ۽ منهنجي سامهون ملبي مان سڙيل ٻه لاش ڪڍيا ويا. عمارت جي چوڌاري بيٺل ماڻهو پنهنجن پيارن کي ڳولي رهيا هئا ۽ ڪنهن معجزي جا منتظر هئا.
گل پلازا جي تباهيءَ جا منظر ڏسي اتي موجود متاثر دڪاندارن تي سڪتو طاري هو. انهن جو چوڻ هو ته هاڻي هو پنهنجن خاندانن جي گذر سفر ڪيئن ڪندا. مون کي ٻڌايو ويو ته عمارت جي ملبي هيٺ ڦاٿل ماڻهو اندر ئي اندر مدد لاءِ سڏيندا رهيا، پر ڪو به انهن جي مدد لاءِ نه پهتو. هي پهريون موقعو ناهي، جڏهن ڪراچي جي ڪنهن ڪمرشل پلازا، عمارت يا فيڪٽري ۾ آتشزدگيءَ قيمتي جانيون ورتيون هجن. ماضي ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن، جن کان پوءِ عارضي شور شرابو، انڪوائري ڪميٽيون ۽ ڪجهه آفيسرن جون معطليون ته ٿيون، پر عملي سڌارا نه ٿي سگهيا. نتيجي طور نوان سانحا جنم وٺندا رهيا.
جيتوڻيڪ وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ في خاندان هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪري پنهنجي ذميواري پوري ڪئي، پر منهنجي نظر ۾ انساني جانيون ڪنهن به حڪومتي معاوضي کان ڪٿي وڌيڪ قيمتي هيون.هر وڏي حادثي کان پوءِ حڪومتي اعلان، انڪوائري ڪميٽيون ۽ عارضي معطليون ته ٿينديون آهن، پر بنيادي سوال اهو ئي رهجي وڃي ٿو ته ڇا پاليسي سازيءَ جون بنيادي خاميون دور ٿين ٿيون؟ بدقسمتي سان ان جو جواب اڄ به نه ۾ آهي. بلدياتي ادارا، ترقياتي اختيارين، فائر بريگيڊ ۽ ضلعي انتظاميه سڀني جا اختيار هڪ ٻئي ۾ ڳنڍيل آهن، پر جوابدهي ڪنهن جي به ناهي. حادثو ٿئي ٿو ته فائلون هڪ ميز کان ٻي ميز تائين ڦرنديون رهن ٿيون ۽ وقت سان گڏ معاملو سرد خاني حوالي ٿي وڃي ٿو. ان کان علاوه پاليسي ۾ انساني جان جي قيمت ثانوي حيثيت رکي ٿي. ڪاروباري مفادن، ڪمرشلائزيشن ۽ ٽيڪس آمدني کي ترجيح ڏئي حفاظتي معيارن تي سمجهوتو ڪيو وڃي ٿو. گل پلازا ۾ متاثر ٿيندڙن لاءِ عارضي امداد ته ڏني وڃي ٿي، پر بحالي، ڊگهي مدي واري علاج ۽ قانوني انصاف لاءِ ڪو واضح لائحه عمل نظر نٿو اچي.
حل ڇا آهي؟ سڀ کان پهرين تعميراتي قانونن تي بنا امتياز عملدرآمد، آزاد ۽ بااختيار انسپيڪشن سسٽم، ۽ ڊجيٽل رڪارڊ ذريعي شفافيت ضروري آهي. ٻيو، حادثن تي رڳو انڪوائري نه، پر فوجداري ذميواري جو تعين به ٿيڻ گهرجي، پوءِ ڀلي ذميوار آفيسر هجي يا بلڊر. ٽيون، شهري منصوبابنديءَ ۾ انساني سلامتيءَ کي مرڪزيت ڏني وڃي، نه ڪي صرف تجارتي فائدي کي.
گل پلازا اسان کي هڪ ڪڙو سبق ڏئي ٿو: جڏهن پاليسي ڪمزور، عملدرآمد ڍرو ۽ احتساب غائب هجي ته رڳو عمارتون نه، پر اعتماد به ڊهي پوي ٿو. جيڪڏهن حڪومت هن سانحي کي رڳو هڪ ٻي خبر بڻجڻ ڏئي ٿي ته ايندڙ ڏينهن ۾ اهڙن سانحن جي فهرست ڊگهي ٿيندي ويندي. هاڻي فيصلو پاليسي سازن جي هٿ ۾ آهي ڇا هو واقعي ڪجهه سکڻ چاهين ٿا يا رڳو وقت گذرڻ جو انتظار؟
بهرحال، سانحو گل پلازا تي جيترو به افسوس ڪيو وڃي، اهو گهٽ آهي. قيمتي جانيون واپس نٿيون اچي سگهن. هي سانحو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ترقي رڳو اوچين عمارتن ۽ تجارتي مرڪزن جو نالو ناهي، پر انساني جانيون بچائڻ به ان جو بنيادي تقاضو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي روين ۾ تبديلي نه آندي ۽ گل پلازا مان سبق نه سکيو، ته مستقبل ۾ اهڙا سانحا اسان جي روزمرهه زندگيءَ جو حصو بڻجي ويندا—۽ اها باهه سڀاڻي ڪنهن ٻئي پلازا، ڪنهن ٻي فيڪٽري يا ڪنهن ٻئي گهر کي به خاڪ ڪري سگهي ٿي.