اها 23 جنوري 2022 جي اڀاڳي باک هئي، جنهن پل سورج اڀرڻ ساڻ هڪ انتهائي ڏک ڏيندڙ خبر کڻي آيو، انهيءَ ڏينهن تي گهوٽڪي ۾ صحافت جي نرسري جو بنياد رکندڙ سائين جيوترام آر منگلاڻي اسان سڀني کان وڇڙي ويو، هو هن ديس ۾ 71 ورهين جي عمر جو پرچم کڻي آيو، اهو پرچم جيڪو اسان جي دلين ۾ هر وقت جهولي رهيو آهي، اڄ هن جي وڇڙي وڃڻ کي چار سال گذري چڪا آهن پر زندگيءَ جو اهڙو ڪو پھر ڪو لمحو ڪا گھڙي ناهي جنهن ۾ اسان پنهنجي هن محبوب کي دل سان نه ساريو هجي، ڇاڪاڻ ته هو وسارڻ جهڙو ته ڪردار ئي ناهي، هو دلين جي ديول ۾ شوالي جي مورتين جيان هر وقت جرڪي رهيو آهي، ماڻهو پنهنجي فطري عمر جا جيڪي سال آهن، اهي گذاري رڻ ڏانهن راهي ٿئي ٿو پر پنهنجي زندگيءَ کي جيڪو ماڻهو انجوائي ڪري ٿو، اهو موت کي به مات ڏيئي ڇڏيندو آهي.
گهوٽڪي ۾ هزارن لکن جي آبادي ۾ هندو ماڻهو سڪونت پذير آهن ،ڪيترا ئي روزاني وڇڙي وڃن ٿا، ڪيترائي روزاني جنم وٺن ٿا پر انهن کي پنهنجي گهر جا ڀاتي به هڪ عرصي بعد وساري ڇڏيندا آهن پر اها ڪهڙي مڻيا آهي، جيڪا جيوترام جي روپ ۾ سڀني طبقن کي بنا ڪنهن مذهب رنگ نسل ۽ ٻوليءَ جي فرق جي جرڪي رهي آهي، مان سمجهان ٿو ته هن جي جيون جو هر لمحو هولي جي رنگن وانگر آڪاس تي ستارن وانگر جرڪي رهيو آهي، هن گهوٽڪي ۾ ان وقت صحافتي نرسري جو بنياد رکيو جڏهن صحافت جو لفظ عبادت وانگر خوشبو جو ويس پائي ڳلي ڳلي ۾ محسوس ٿيندو هو، وچ شهر ۾ جيوترام پنهنجي جگري يار سرڳواسي ديانند ڪرپلاڻي سان گڏجي منوج بڪ اسٽور جو بنياد رکيو، سندس اڪيلي ۽ محبوب پٽ منوج جي نالي پٺيان اها صحافتي نرسري وجود ۾ آئي، اڄ انهيءَ منوج بڪ اسٽور جي جڳهه تي ڪنهن مڃارڪي دڪان والاري آهي پر سائين جيوترام جي نشاني سندس اڪيلو محبوب پٽ منوج ڪمار اڄ به اسان سان گڏ آهي ۽ سائين جيوترام جهڙي ئي گوتم جهڙي مرڪ پسائي رهيو آهي، هن جي دل ۾ پڻ ساڳي معصوميت آهي،جنهن ڪري اسان جيوترام جي ديپ جي روشني ۾ اماسن سان اٽڪي اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ اهو سفر ازل کان ابد تائين جاري رهڻو آهي.
سائين جيوترام صحافتي دور جي هڪ تاريخ آهي،هو هڪ گهاٽو بڙ وڻ هيو جنهن جي ڇانوري ۾ ويهي روح کي راحت ملندي آهي، هن ۾ هڪڙي تمام وڏي خاصيت اها هئي ته هو 71 ورهين جي ڄمار تائين مسلسل مرڪندو رهيو، هن جي اندر ۾ اهڙي دل هئي جيڪا وڏن، ٻارن، اديبن، دانشورن، سياستدانن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي هئي، هو سدائين متحرڪ رهڻ وارو شخص هو انهيءَ ڪري هو ڪنهن دڪان جو سيٺيو نه ٿي سگهيو، هو آزاد پنڇي هو، انهي ڪري هن سرڪاري نوڪري جا سنگھر پنهنجي ڳچي مان لاهي ڦٽا ڪياهن جي زندگيءَ جي آخري لمحن ۾ جڏهن ڪينسر جي راڪاس واسو ڪيو ته مرڪي چوندو هو ته جيڪڏهن موت کي منهنجي ضرورت هئي ته مان ساڻس ائين ئي هليو وڃان ها، هن ڪينسر جي بهاني سان ڇو سازش ڪئي هئي، هن جي بهادري ببر شير جهڙي هوندي هئي پر موت جي آڏو هن پاڻ کي سرينڊر ڪري ڇڏيو ،هن کي ڄاڻ هئي ته مون کي هي جهان ڇڏڻو آهي پر منهنجو نالو موت کانپوءِ به ماڻهن جي دلين جي آڪاس تي جرڪندو رهندو.
هن ستر واري ڏهاڪي کان صحافتي سفر جي شروعات ڪئي، سنڌ جي مشهور اخبارن ۽ ٻين اردو ۽ انگريزي ادارن ۾ ڪم ڪيو پر هن جي اندر ۾ جيڪا پنهنجي جيجل جي لولي واري ٻوليءَ سان محبت هئي، انهيءَ جو هو کلئي عام اظهار ڪري چوندو هو ته جڏهن منهنجي ستگرو ٻاول سائين ،سچو سترام،سائين ساڌ رام مونکي پرارٿنائون به سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏيندا آهن ته ٻي ٻولي ڪهڙي طرح منهنجي من ۾ ڀاونائون پيدا ڪري سگهي ٿي، بنيادي طور تي سائين جيوترام جي سموري زندگي رواداري ۾ گذري، هو ماڻهن سان محبتن جي لاءِ ٺهيو هو ۽ نفرت هن جي وجود مان پاسي سان ئي ڪراس نه ڪندي هئي، سائين جيوترام آر منگلاڻي پريس ڪلب گهوٽڪي جو ڪيترائي ورهيه صدر رهيو پر هو عهدي کان علاوه به سڀني صحافين جو محبوب هوندو هو، گهوٽڪي مان ڪافي سينئر صحافي وڇڙي ويا آهن، جن ۾ سرڳواسي ديانند ڪرپلاڻي ،طفيل اي صديقي،دلشاد اختر صديقي،چاچا وزير جالنڌري ،ادريس شيخ،نور حسن کوسو، سرڳواسي پرڀداس ،امانﷲ چارڻ،الاهي بخش سومرو ۽ ٻيا شامل آهن پر ائين محسوس ٿيندو آهي ته سڀني صحافين جي وڇوڙي جو درد سائين جيوترام جي ورسي جي موقعي تي آڪاس تان لهي ايندو آهي، هن جي حاجي رمضان چني،الهورايو بوزدار،اقبال اي صديقي، ظفر صديقي،راڻا جاويد،غضنفر بخاري ،شبير عارباڻي،عبدالحئي ساوند، سائين ڏني عباسي، عامر چني ۽ مون سان اهڙي طرح محبت هوندي هئي، جهڙي محبت سائين امير بخاري سڀني سان ڪندو هو، پر هو جنهن انداز ۾ فرمان سومرو کي مالڪ سائين سان مخاطب ٿيندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ گلاب جا گل ٽڙي پيا هجن، هو پنهنجي دور جو يگانو انسان هو، جنهن جي احترام جي حد اها هوندي هئي ته هو سموري سنڌ جي برک صحافين جي دلين ۾ هوندو هو جيڪي سڀ کيس مامون جيوت ڪري کيس سڏيندا هئا ڇاڪاڻ ته هو نامياري صحافي مهيش ڪمار جو سڳو مامو هو،چار سال اڳ هن جي وڇوڙي تي هن ئي ڏينهن تي سخت سردي هئي، اسان سڀ هندو مسلم جي فرق کانسواءِ شمشان ڀومي ۾ موجود هئا سين، رات جي پھر ۾ هڪ طرف سندس چتا جلي رهي هئي ته ٻئي طرف اسان جا احساس جلي رهيا هئا، اسان سڀني جي اکين ۾ صرف ڪارن ڪڪرن جون گهنگهور گهٽائون نه هيون پر اهي گهٽائون وڏ ڦڙي جيان اسان جي اکين مان وسي رهيون هيون.
انهيءَ رات مان سمهي نه سگهيو هيم،منهنجي ذهن جي اسڪرين تي آرٽ پڪچر جيان يادن جا ڪيئي عڪس تري رهيا هئا ۽ مان سوچي رهيو هيم ته ڇا گوتم ٻڌ صحيح چئي ويو آهي ته سروم دکم دکم (زندگي ڏک ئي ڏک آهي) ۽ هاڻي چئن سالن بعد به ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته زندگي واقعي ڏک ئي ڏک آهي، ماڻهو جي وس ۾ ئي ناهي ته ڪنهن محبوب جي ڏک کي وساري سگھي، ڪو ڪو ڏک وڻ ويڙهي وانگر وجود کي وڪوڙي ڇڏيندو آهي، جيئن پنهنجو محبوب دوست شاهجهان پنهيار منهنجي وجود مان نڪري نه سگهيو آهي اهڙي طرح ئي جيوترام جي جدائي هر نئين سج اڀرڻ ساڻ يادن جو ڏک کڻي ايندي آهي ۽اهو ڏک صرف هن جي پريوار تائين محدود ناهي پر اهو ڏک مون جهڙن هزارين جيوترام سان محبت ڪندڙن جي دلين ۾ موجود آهي،ڇاڪاڻ ته سائين جيوترام آر منگلاڻي گهوٽڪي جي شوالي ۽ پوڄا گهرن سميت اسان سڀني کي سوڳ جي ڪيفيت ۾ ڇڏي ويو آهي، اهو سوڳ اڃان وڌيڪ شدت سان انهي ڪري به اڀري آيو آهي جو اهي صحافتي قدر موڪلائي ويا آهن، اهو صحافتي کيتر ٿر بر جهنگ جهر جيان ڀوائتو نظر اچي رهيو آهي،اڄوڪي صحافتي طوفان ۾ رشتن جو تقدس وکري چڪو آهي ته اهڙي ماحول ۾ سائين جيوترام جي صحافتي قدرن جي سوچ لوچ جي مشعل جي ڪمي شدت سان محسوس ٿي رهي آهي