رپورٽن موجب قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پارلياماني سيڪريٽري شاهد عثمان ٻڌايو ته رشين اندسٽريل انجنيئرنگ ڪارپوريشن سان ٻن پروٽوڪولز تي صحيحون ٿي چڪيون آهن. حڪومت اسٽيل ملز کي اسڪريپ ڪرڻ بدران بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو جواب پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي جي پڇيل سوال تي ڪيو ويو جنهن قومي اسيمبلي ۾ اسٽيل مل جو ڪيس رکندي چيو ته اسٽيل مل مان 7 هزار 709 ملازمن کي ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته 700 ايڪڙ زمين جي حوالي سان به وضاحت طلب ڪئي. ان موقعي تي شازيه مريءَ پڻ ان خدشي جو اظهار ڪيو ته اهو واضح نه آهي ته اسٽيل مل کي مڪمل طور تي بحال ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خصوصي معاون هارون اختر پڻ اسٽيل مل جي بحالي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته چار مختلف پارٽيون ان ۾ دلچسپي رکن ٿيون. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسٽيل مل ۾ رڳو روس نه پر ٻين پارٽين جي به دلچسپي آهي.
اسان اسٽيل مل جي بحالي جي ان علان جي آجيان ڪريون ٿا. اها آجيان ان ڪري به ڪيون ٿا ته ان قسم جو اعلان مسلم ليگ (ن) جي موجوده شهباز شريف واري وفاقي حڪومت طرفان پهريون ڀيرو ٻڌون پيا. ان کان اڳ وفاقي حڪومت اسٽيل مل کي ڪٻاڙ خاني ۾ وڪرو ڪرڻ جهڙو قرار ڏنو هو ۽ ان جي بحالي کي ناممڪن ڄاڻايو هو جنهن کان پوءِ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌ حڪومت طرفان اسٽيل مل کي نئين سر تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. هن وفاق کي آڇ ڪئي هئي ته جيڪڏهن اسٽيل مل کي بحال نه ڪري سگهي ته اهو ادارو اسان جي حوالي ڪيو وڃي. اسٽيل مل جيئن ته سنڌ جي زمين تي قائم آهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي نشاني آهي ته اسان ان کي بحال ڪرڻ جو چئلينج هٿ ۾ کڻون ٿا. هن اهو به چيو هو ته جيڪڏهن اسٽيل مل جي پراڻي ڍانچي کي بحال نه ڪري سگهبو يا ان جي بحالي ممڪن نه هوندي ته اسان رشين ڪمپني سان گڏجي ڪري نئين سر به اسٽيل مل جي تعمير ڪرائي سگهون ٿا، پر ان بيان کان پوءِ ان معاملي ۾ ڪا سنجيده ۽ عملي اڳڀرائي نظر نه آئي.
هاڻي جڏهن وفاقي حڪومت اسٽيل مل جي بحالي جو ذڪر ڪيو آهي ته ان تي خوشگوار حيرت ٿي رهي آهي. اسان وفاقي حڪومت جي ان معاملي ۾ بلڪل به همت افزائي ڪنداسين ته اها ان معاملي کي سنجيده وٺي هاڻي کان ئي عملي ڪم جي شروعات ڪري. اسان اسٽيل مل جي بحالي ۾ ان ڪري به سنجيده آهيون جو هڪ ته اهو لوهه ٺاهڻ جو بيحد قيمتي ۽ فخر جوڳو ادارو سنڌ ۾ آهي ۽ سنڌ سان تعلق رکندڙ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي قائم ڪرايو هو جيڪو ملڪي سطح جي وڏن ادارن مان هڪ آهي. اهڙن ادارن جي مالڪي هن ملڪ جي حڪومت جو اولين فرض هو پر افسوس ته اسٽيل مل جي مالڪي ڪرڻ ۽ ان کي وقت گذرڻ سان ترقي ڏيارڻ بدران ايترو ته تباهه ۽ برباد ڪيو ويو جو اڄ اسٽيل مل جو اهو ڍانچو ڪٻاڙ خاني کي وڪرو ڪرڻ جوڳو بڻايو ويو آهي.
اها به حقيقت ته اسٽيل مل کي تباهه ڪرڻ ۾ هر دور جي حڪومت ملوث رهي آهي پوءِ اها سول هجي يا نان سول. چونڊيل هجي يا اڻ چونڊيل. اسان ته ان خوش فهمي ۾ به رهياسين ته جيئن ته اسٽيل مل ذوالفقار علي ڀٽو جي نشاني آهي ته پ پ جون وفاقي حڪومتون ته ان تي ساهه ڏينديون ۽ ان کي پنهنجي حڪومت جو يادگار سمجهي ان کي محفوظ هٿن ۾ رکڻ جا جتن ڪندي پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته پ پ جي حڪومتي دور ۾ ئي اسٽيل مل وڌ کان وڌ تباهه ٿي. باوجود ان جي ته پ پ عوامي حڪومت هئڻ جي دعويدار رهي آهي ۽ ان کي چڱي ريت معلوم آهي ته اسٽيل مل ۾ سڄي ملڪ جو پورهيت روزگار سان هو ۽ اسٽيل مل انهن جو معاشي ذريعو هو جيڪو کانئن کسي ساڻن تمام وڏو ظلم ڪيو ويو.
انهيءَ تي به افسوس جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو ته ملڪ جي ايڏي وڏي اداري جي تباهي تي ڪا جاچ نه ٿي ته خبر پوي ته هن اداري کي ڪٻاڙ خاني ۾ وڪرو ڪرڻ جهڙو ڇو ۽ ڪيئن بڻايو ويو. اهڙي جاچ جو ڪم ملڪ جي اعليٰ عدالت به پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڪرائي سگهي پئي ڇاڪاڻ ته ان اسٽيل مل سان لکين ماڻهن جو روزگار سلهاڙيل هو ۽ بقول شرميلا فاروقي جي ته اسٽيل مل جي بدحالي ۽ مفلسي وگهي 7 هزار 709 پورهيتن ۽ ملازمن کي نيڪالي ملي چڪي آهي. اسان ان کي هزارين پورهيتن جو معاشي قتل سمجهون ٿا ۽ اهڙو معاشي قتل ڪندڙ قاتلن کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ گهرائڻ سان ئي انهن برطرف ملازمن سان انصاف ٿي سگهي ٿو.
اسان هتي اها به گذارش ڪنداسين ته وفاقي حڪومت جنهن ۾ اڄ مسلم ليگ (ن) سان پ پ به سهڪاري آهي سي گڏجي اسٽيل مل جي بحالي تي ڪم ڪن ۽ ان معاملي ۾ وفاقي حڪومت کان جيئن شازيه مري اسيمبلي ۾ وضاحت طلب ڪئي آهي تيئن حڪومت کي ان معاملي تي تفصيلي بريفنگ ڏيڻ گهرجي ته اها اسٽيل مل کي ڪيئن بحال ڪندي ڇا اسٽيل مل جي پراڻي ڍانچي کي بحال ڪيو ويندو يا نئين سري سان اسٽيل مل ٺاهي ويندي، اهڙي قسم جي وضاحت جي سخت ضرورت آهي. ٻيو ته جيڪڏهن واقعي به اسٽيل مل جي بحالي جو ڪم ٿئي ٿو ته ان ڪم کان اڳ ان اداري جي تباهي جا حقيقي ڪارڻ به معلوم ڪرڻا پوندا ۽ انهن سببن جي روشني ۾ اسٽيل مل کي هلائڻ جي پاليسي جوڙڻي پوندي. ٻيو ته جن ملازمن ۽ پورهيتن کي اسٽيل مل جي تباهي ۽ مالي مفلسي سبب ڪڍيو ويو تن کي پڻ اوليتي بنياد تي بحال ڪرڻ جو پراجيڪٽ هٿ ۾ کڻڻو پوندو.
هتي اسان اسٽيل مل جي بحالي واري اعلان تي خوشي جو ته اظهار ڪيون ٿا ۽ ان اعلان جي آجيان به ڪريون ٿا پر ڏسڻو اهو آهي ته ان اعلان کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪيتري اڳڀرائي ٿئي ٿي. اصل اهميت ان عملي اڳڀرائي جي آهي، تنهن ڪري سنڌ اسيمبلي ۾ موجود عوامي نمائندن ۽ خاص ڪري پ پ جي ميمبرن جو اولين فرض آهي ته اهي وفاقي حڪومت کي روز اسٽيل مل جي بحالي وارو اعلان ياد ڏيارين ته جيئن اهو ڪم فوري طور تي شروع ٿي سگهي.