ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: بنگلاديش ٻٽي مصيبت ۾، ساک بچائڻ سان گڏ وڏي مالي نقصان جو خطرو

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي بائيڪاٽ جي صورت ۾ بنگلاديش کي وڏي مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
ڀارتي ميڊيا موجب، ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي صورت ۾ بنگلاديش کي 325 ڪروڙ ٽڪن جو نقصان ٿيندو.
رپورٽ موجب، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) کي سالياني آمدني جو لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو حصو به وڃائڻو پئجي سگهي ٿو، جيڪو براڊڪاسٽ ۽ اسپانسرشپ جي مد ۾ حاصل ٿيندو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، بنگلاديشي رانديگرن جي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ تياري باوجود، راندين واري صلاحڪار ڊاڪٽر آصف نذرل ورلڊ ڪپ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته بنگلاديش سيڪيورٽي خدشن سبب ڀارت نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب، ورلڊ ڪپ جي بائيڪاٽ سبب بنگلاديش ۽ ڀارت وچ ۾ مستقبل جون ٻطرفي سيريز به خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هلندڙ سال پڻ ٻطرفي سيريز شيڊيول آهي.
ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا مقابلا ست فيبروري کان ڀارت ۽ سريلنڪا جي گڏيل ميزباني هيٺ شروع ٿيندا، جڏهن ته پاڪستان هائبرڊ ماڊل تحت پنهنجون سموريون ميچون سريلنڪا ۾ کيڏندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.