اسان جي اشرافيه ۽ هائبرڊ نظام جي حامين وڏي ڪوشش ڪئي ته هائبرڊ نظام کي ’جمهوريت جو لباس‘ پارائي قبول ڪرايو وڃي، پر هن ’نظام‘ جا جيڪي پنهنجا ئي پيدا ڪيل ماڻهو هئا، تن ئي ان کي چيلينج ڪيو، نتيجي ۾ اهي معتوب به قرار پيا، سزايافته به ٿيا ۽ نااهل به بڻايا ويا. هر گذرندڙ ڏينهن سان سياستدانن جي حصي ۾ ايندڙ ٿورو گهڻو اختيار به گهٽبو پيو وڃي. نتيجي طور هاڻي نه چونڊن جي ساک بچي آهي، نه پارليامينٽ جي، نه آزاد عدليه جي (اڳ به ڪهڙي آزادي هئي) ۽ نه ئي غيرجانبدار ميڊيا جي. حيرت انهن تي آهي، جيڪي اڃا به هن نظام کي ’جمهوريت‘ سڏين ٿا. حقيقت اها آهي ته اسين اڃا جمهوريت کان تمام پري آهيون؛ رڳو دل کي وندر ڏيڻ لاءِ اهو چئون ٿا ته بدترين جمهوريت به آمريت کان بهتر آهي. پر سوال اهو آهي ته بهترين جمهوريت ڇو نه اچي؟ اهڙي جمهوريت، جتي سڀ کان پهريون احتساب حڪمرانن جو ٿئي، جتي اڳواڻ عوام سان گڏ عام سواري ۾ سفر ڪري، جتي انصاف سڀني لاءِ برابري جي بنياد تي هجي ۽ صحافت سماج جو آئينو هجي. اڄڪلهه اهڙين ڳالهين کي ’آئيڊيل حالتون‘ قرار ڏئي نام نهاد ’حقيقت پسندي‘ ڏانهن اچڻ جو مشورو ڏنو وڃي ٿو. مان اڄ به انهيءَ نظرئي جو قائل آهيان ته يا ته ’جمهوريت‘ هوندي آهي يا نه هوندي آهي؛ باقي سڀ تجربا ڪري ڏٺا ويا آهن، هاڻي هڪ ڀيرو ’اصل جمهوريت‘ جو تجربو به ڪري ڏسون.
اسان جا ڪيترائي دوست سمجهن ٿا ته هي ’هائبرڊ نظام‘ 2008ع کان پوءِ آندو ويو، جڏهن ته حقيقت ۾ هي ان سياسي مزاج جو عڪس آهي، جيڪو جولاءِ 1977ع کان پوءِ ’جمهوريت کي ڪنٽرول‘ ڪرڻ لاءِ آمراڻو نظام لاڳو ڪيو. آئين ۾ اهڙيون بنيادي تبديليون ڪيون ويون، جن سان پارليامينٽ کي ڪمزور ڪيو ويو ۽ طاقت جو سرچشمو ’ايوَنِ صدر‘ بڻايو ويو. جنرل ضياءُ الحق (58-2b) جي تلوار لٽڪائي جڏهن ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو ته سندس خيال هو ته پاڪستان قومي اتحاد جي وڏي تحريڪ کان پوءِ ’ڀٽو جو باب‘ بند ٿي چڪو آهي ۽ ان وقت جي اپوزيشن آسانيءَ سان چونڊون کٽي وٺندي، جڏهن ته هو صدر طور ايندڙ پي اين اي حڪومت سان گڏ هلندا رهندا. پر جلد ئي کين احساس ٿيو ته ڀٽو جون پاڙون مضبوط آهن ۽ ڪنهن به آزاد چونڊ ۾ سندس جماعت ٻه ٽين اڪثريت حاصل ڪري سگهي ٿي؛ تنهنڪري ’پهريائين احتساب، پوءِ انتخاب‘ جو ڊرامو رچائي چونڊون ملتوي ڪيون ويون. جڏهن اها رٿ به ڪامياب نه ٿي ته ڀٽو کي رستي مان ئي هٽايو ويو. خيال اهو هو ته ڦاسيءَ کان پوءِ حالتون قابو ۾ اچي وينديون، پر اهو تجربو به ناڪام ثابت ٿيو.
1985ع ۾ غيرجماعت بنيادن تي ٿيل چونڊون دراصل ’هائبرڊ نظام‘ جي شروعات هيون. انهن وسيلي سڀ کان پهرين آئين ۾ بنيادي تبديليون ڪيون ويون، جن ۾ (58-2b) شامل هئي، ۽ پهريون ڀيرو ڪنهن پارلياماني نظام ۾ صدر کي اهو اختيار ڏنو ويو ته هو وزيراعظم ۽ پارليامينٽ کي گهر موڪلي سگهي. اها ’حادثاتي سياستدانن‘ جي هڪ نئين نسل جي پيدائش به هئي. اهڙو ئي تجربو 1962ع ۾ ’بنيادي جمهوريت‘ جي نالي سان ڪيو ويو هو. پر هاڻي ڇا ڪجي، جڏهن 1985ع ۾ وجود ۾ آيل اسيمبليءَ جي قائدِ ايوان، وزيراعظم محمد خان جوڻيجو پنهنجي پهرين تقرير ۾ چئي ڇڏيو ته، ”مارشل لا ۽ جمهوريت گڏ گڏ نٿا هلي سگهن.“
هن ’هائبرڊ نظام‘ جو ٻيو تجربو ميان محمد نواز شريف هو؛ هڪ ٻيو حادثاتي سياسي خاندان، جنهن جو سياست سان پري پري تائين واسطو نه هو، پر ڇاڪاڻ ته ’مقبوليت‘ کي قابو ۾ رکڻو هو، تنهنڪري کين ’سياسي لبادو‘ پارايو ويو. پر ڪجهه ئي سالن بعد ميان صاحب پاڻ کي طاقتور سمجهڻ لڳا ۽ اعلان ڪيائون ته ”مان ڊڪٽيشن نه وٺندس.“ ڀٽو جي ڌيءَ بينظير کي ميان صاحب خلاف ۽ ميان صاحب کي بينظير خلاف ڀرپور استعمال ڪيو ويو. آخرڪار ٻنهي کان جان ڇڏائڻ لاءِ هڪ نئون ’سياسي تجربو‘ آندو ويو؛ ’ٻن خاندانن‘ جي اصطلاح استعمال ڪري ’ٽئين آپشن‘ جون خبرون مارڪيٽ ۾ آنديون ويون ۽ ٻنهي جي ڪرپشن ڪهاڻيون اخبارن جي زينت بڻيون. جڏهن ميان صاحب 58-2b ختم ڪئي ته 12 آڪٽوبر 1999ع اچي ويو. ٻه ٽين اڪثريت جي غرور ۾ ميان صاحب هڪ کان پوءِ هڪ غلط فيصلا ڪندا ويا، بغير اهو سمجهڻ جي ته کين آڻيندڙ کين گهر به موڪلي سگهن ٿا.
عمران خان جو تجربو ان لحاظ کان مختلف هو ته هو ميان صاحب وانگر عوام لاءِ اجنبي نه هو؛ سياست ۾ اچڻ کان اڳ ئي ڪرڪيٽ جي دنيا جو ’هيرو‘ هو. شايد کين آڻيندڙ سندس ’مزاج‘ جو صحيح اندازو نه لڳائي سگهيا. آهستي آهستي ڪرڪيٽ جي مقبوليت سياسي مقبوليت ۾ بدلجي وئي. اشرافيه کي پهريون جهٽڪو تڏهن لڳو، جڏهن 2002ع جي چونڊن کان پوءِ هن جنرل مشرف سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا. اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ وڏو سياسي خلا پيدا ٿيو ۽ ان وقت جي مقتدره هڪ ڀيرو ٻيهر عمران جي حمايت شروع ڪئي. فيصلو ٿيو ته ’زرداري-شريف‘ جي مقابلي ۾ عمران جي حمايت ڪئي وڃي. ان وقت تائين عمران پاڻ به پنهنجي مقبوليت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو؛ پاڪستان جي نوجوانن جي اڪثريت سان گڏ انهن ماڻهن جي به حمايت کيس ملي، جيڪي مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي کان مايوس ٿي چڪا هئا. 2013ع ۾ پهريون ڀيرو خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ٺهي، جيڪا اڄ تائين قائم آهي. 2018ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي وئي. شايد اها ئي ’مقبوليت‘ هئي، جيڪا عمران ۽ مقتدره جي وچ ۾ وٿي جو سبب بڻجي، ڇاڪاڻ ته هن به ’ڊڪٽيشن‘ وٺڻ ڇڏي ڏني. نتيجي طور اپريل 2022ع ۾ کيس وزارت عظميٰ تان هٿ ڌوئڻو پيو. پر پوءِ اهو ئي ٿيو، جيڪو 1977ع ۾ ڀٽو کي هٽائڻ کان پوءِ ٿيو هو. مارشل لا کان اڳ ڀٽو به غيرمقبول بڻايو ويو هو ۽ عدم اعتماد کان اڳ عمران به.
هاڻي ڪو مڃي يا نه، پر 8 فيبروري 2024ع جي چونڊ عوام جي ووٽ تي اعتماد جو عڪس هيون. ان کان پوءِ اسان جنهن سياسي جمود جو شڪار رهياسين، اڃا تائين ان مان ٻاهر نه نڪري سگهيا آهيون. 1977ع جي مارشل لا کان وٺي اڄ تائين ’هائبرڊ‘ تجربا ٿيندا رهيا آهن. اڃا به وقت آهي ته هڪ ڀيرو آزاد ۽ غيرجانبدار چونڊن ۽ اصل جمهوريت جو تجربو ڪري ڏسون. هڪ ڀيرو آزاد عدليه ۽ غيرجانبدار ميڊيا جو تجربو به ڪري ڏسون. اصل ’ميثاقِ جمهوريت‘ ته اهو ئي آهي؛ نه ته 75 سالن جي ڪهاڻي اسان جي سامهون آهي. حادثاتي سياست کان ٻاهر نڪرو. چونڊ يا ته ٿيندي آهي يا نه ٿيندي آهي؛ جمهوريت يا ته هوندي آهي يا نه هوندي آهي. هائبرڊ ۽ وائبرڊ کان ٻاهر نڪري اچو.