باهن جا واقعا ۽ ذميوارن جو احتساب نه ٿيڻ جو الميو

تحرير: پروفيسر توصيف احمد

گل پلازا 33 ڪلاڪن تائين ٻرندو رهيو ۽ لڳ ڀڳ سئو لاش ڇڏي ويو. سوال اهو آهي ته ڇا هاڻي هي نظام تبديل ٿيندو يا ڪجهه عرصي بعد وري ڪو نئون حادثو ٿيندو؟ وزيراعليٰ جي پريس ڪانفرنس ۾ مستقبل بابت مڪمل خاموشي ڇانيل رهي. ڪراچي جي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ٿيندڙ جاچ هڪ بي معنيٰ عمل آهي. حقيقت ۾ نتيجو صرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن تي ٻڌل ٽربيونل جي جاچ مان ئي نڪري سگهي ٿو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس محمد علي مظہر 2017ع ۾ هڪ آتش زدگي واري واقعي کانپوءِ جامع فيصلو ڏنو هو، پر افسوس جو اڄ تائين ان فيصلي تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي.

ڪراچي شهر جي دل ۾ واقع هڪ وڏي شاپنگ پلازا، گل سينٽر، ۾ لڳندڙ خوفناڪ باهه هڪ ڀيرو ٻيهر شهر جي ڍانچي جي مدي خارجي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. نئين سال جي پهرين مهيني ۾ پيش ايندڙ هن واقعي ثابت ڪري ڇڏيو ته حڪومت سنڌ جو اليڪٽرڪ کاتو، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ فائر بريگيڊ جو نظام اڃا تائين زوال پذير آهي. ٻئي پاسي، لکين رپيا ماهوار ڪمائيندڙ دڪاندار به قانون جي ڀڃڪڙي کي پنهنجو حق سمجهن ٿا، جڏهن ته دڪاندارن جون انجمن مذهبي انتهاپسند عنصرن جي سرپرستي کي پنهنجو فرض سمجهي مطمئن نظر اچن ٿيون.

گل پلازا لڳ ڀڳ 1800 چورس فٽ ايراضيءَ تي ٻڌل هو. هن پلازا ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ دڪان ۽ آمدرفت لاءِ 16 دروازا موجود هئا. گل پلازا پرڏيهي سامان جي وڪري لاءِ سڃاتو ويندو هو. هتي وڪرو ٿيندڙ سامان تي ڪسٽمز ڊيوٽي ادا ٿيندي هئي يا نه، ان بابت صرف دڪاندار ۽ ڪسٽمز ڊائريڪٽوريٽ جا عملدار ئي ڄاڻ رکن ٿا. شاديءَ جي موسم ۾ گل پلازا ۾ تمام گهڻو رش هوندو هو. عام طور ڏينهن جو ٻارهين وڳي کان خريداري شروع ٿيندي هئي ۽ رات ڏهين وڳي تائين وڏي گهماگهمي رهندي هئي. عيدالفطر ويجهو اچڻ سان سڄي رات دڪان کليل رهندا هئا. هاڻي تائين ملندڙ معلومات موجب، گل پلازا جي ڪنهن ماڙ تي شارٽ سرڪٽ سبب باهه ڀڙڪي، جيڪا ٿوري ئي وقت ۾ سڄي عمارت کي لپيٽ ۾ وٺي وئي. گل پلازا هڪ گهڻي آبادي واري علائقي ۾ قائم هو. ڇنڇر جي رات آس پاس جي علائقن ۾ وڏي رونق هوندي آهي ۽ شام ٿيندي ئي ٽريفڪ جام ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي. بلديه ڪراچي جو سڀ کان پراڻو فائر بريگيڊ اسٽيشن ڪجهه ميلن جي فاصلي تي هجڻ باوجود، سرڪاري طور تسليم ڪيو ويو ته فائر بريگيڊ جون گاڏيون شهر کان 25 ميل پري صفورا چوڪ ۽ نيپا جي هائيڊرنٽن مان ٽينڪرن ذريعي پاڻي آڻينديون رهيون.

ريڊ لائين جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ۽ ٽريفڪ جي رش سبب پاڻي تمام دير سان پهتو. ان سان گڏ سوال اهو به آهي ته ڇا سڄي ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۾ فائر بريگيڊ وٽ ڪو به اهڙو پاڻي جو ٽينڪ موجود نه هو، جتان فوري پاڻي حاصل ڪري سگهجي؟ وڌيڪ بدقسمتي اها ٿي جو جڏهن فائر بريگيڊ جو عملو ٽين ماڙ تي باهه وسائڻ ۾ مصروف هو ته ڏاڪڻيون ٽٽڻ سبب فائر فائٽر هيٺ ڪري زخمي ٿي پيا. فائر بريگيڊ وٽ باهه وسائڻ جي جديد ٽيڪنالاجي موجود ناهي. اڃا تائين پاڻي ۽ فوم جي ڇنڊڇاڻ ذريعي باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ڪيمسٽري جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جديد ڪيميائي مواد سان باهه تي فوري طور قابو آڻي سگهجي ٿو. ماهرن موجب اهڙين حالتن ۾ انساني جانين کي بچائڻ لاءِ حادثي جا ابتدائي ٻه کان ٽي ڪلاڪ انتهائي اهم هوندا آهن.

جيڪڏهن ان وقت اندر باهه وسائڻ سان گڏ عمارت ۾ داخل ٿي سگهجي ته ڪيترين ئي زندگين کي بچائي سگهجي ٿو، پر ناقص طريقيڪار سبب امدادي ڪارڪن 23 ڪلاڪن بعد گل پلازا ۾ داخل ٿي سگهيا. وٽن اهڙو ڪو به اوزار موجود نه هو، جيڪو زنده ماڻهن جي نشاندهي ڪري سگهي. ملبو هيٺ 23 ڪلاڪن تائين ڦاٿل ماڻهو جيڪڏهن زنده به هجي ته هو ڪنهن آواز تي بيهڻ جي حالت ۾ نٿو رهي. سوال اهو آهي ته ڪراچي ۾ گذريل سال باهه جا اڍائي هزار کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا هئا، جن مان اڪثريت شارٽ سرڪٽ سبب پيش آيو. ان جو سڌو سنئون لاڳاپو عمارتن جي تعمير ۽ ناقص برقي وائرنگ سان جڙي ٿو. گل پلازا 1995ع ۾ تعمير ڪيو ويو هو. ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي منظور ٿيل نقشي مطابق هي عمارت گرائونڊ پلس هڪ ماڙ تي ٻڌل هئي، پر پوءِ ان تي ٽي وڌيڪ ماڙون ٺهي ويون. شروعات ۾ هن عمارت ۾ 500 دڪانن جي گنجائش هئي، جيڪا وڌي هڪ هزار کان مٿي ٿي وئي. ظاهر آهي ته برقي نظام جي انسٽاليشن وارن قانونن کي نظرانداز ڪيو ويو. انهن ڪنيڪشنن ۾ ناقص سامان استعمال ٿيو هوندو. جديد برقي نظام ۾ هر ڪنيڪشن سان سرڪٽ بريڪر لڳايا ويندا آهن، جيڪي شارٽ سرڪٽ جي صورت ۾ پاڻمرادو بجلي بند ڪري ڇڏيندا آهن. هر ماڙ تي هڪ وڏو سرڪٽ بريڪر بورڊ لڳايو ويندو آهي. جيڪڏهن جديد نظام تي صحيح نموني عمل ٿئي ته شارٽ سرڪٽ سبب آتش زدگي جا امڪان تمام گهٽجي وڃن ٿا. هر عمارت ۾ باهه لڳڻ جي صورت ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ متبادل نظام هجڻ لازمي آهي.

ان نظام تحت هر ماڙ تي هنگامي حالتن لاءِ پاڻي اڇلائڻ وارا پائپ لڳل هوندا آهن، جيڪي باهه لڳڻ شرط ڪم ڪرڻ شروع ڪن ٿا. هر ماڙ تي الارم جو نظام به لڳل هوندو آهي، جيڪو هنگامي حالت ۾ وڄڻ لڳندو آهي ۽ ماڻهو فوري طور عمارت خالي ڪندا آهن. لڳي ٿو ته گل پلازا ۾ الارم نه هئڻ سبب ڪيترن ماڻهن کي آخري گهڙي تائين باهه لڳڻ جو علم ئي نه ٿي سگهيو ۽ اڻڄاڻائي سبب هو دم گهٽجڻ ڪري فوت ٿي ويا. هر ماڙ تي باهه وسائڻ وارا سلنڊر به هجڻ گهرجن. انهن سلنڊرن کي مقرر وقت کانپوءِ تبديل ڪرڻ لاڳاپيل ڪمپنيءَ جي ذميواري هوندي آهي، پر ڪراچي جي گهڻين عمارتن ۾ اهو نظام موجود ئي ناهي.

حڪومت سنڌ جي توانائي کاتي هيٺ ڪم ڪندڙ اليڪٽرڪ انسپيڪٽرن جي ذميواري آهي ته هر عمارت جو معائنو ڪن ۽ جيڪي ماڻهو بجلي جي استعمال جي قاعدن تي عمل نٿا ڪن، تن تي جرمانو لاڳو ڪن. قانون تحت اهڙين عمارتن کي سيل به ڪري سگهجي ٿو. بلديه ڪراچي جي عملي جي ذميواري آهي ته هر عمارت ۾ باهه وسائڻ جي متبادل نظام جو جائزو وٺي ۽ جتي اهو نظام ۽ سلنڊر موجود نه هجن، اتي عمارت سيل ڪري ڇڏي. ڪجهه صحافين موجب وڏين عمارتن جي دڪاندارن جون انجمن انتهائي منفي ڪردار ادا ڪن ٿيون. اهي انجمنون ميمبرن کان ماهوار هزارين رپيا چندو وٺن ٿيون، پر اها رقم عمارتن جي مرمت، بجلي ۽ پاڻي جي لائنن ۽ سيوريج جي بهتري بدران ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي. اهو به چيو وڃي ٿو ته اهي انجمنون معائني لاءِ ايندڙ سرڪاري عملي کي رشوت ڏئي، عمارت اندر داخل ٿيڻ کان اڳ ئي واپس موڪلي ڇڏين ٿيون. گل پلازا جا دڪاندار ته لٽي ويا؛ سندن جاني ۽ مالي نقصان جو ڪو به ازالو ممڪن ناهي، پر سندن انجمنن ڪڏهن به ضلعي اختيارين کي پلازا ۾ ٿيندڙ حددخليون ۽ ناقص برقي نظام بابت آگاهه نه ڪيو. سڄي دنيا ۾ بازارون صبح کُلن ٿيون ۽ شام ڇهين وڳي بند ٿي وڃن ٿيون. جيڪڏهن گل پلازا جا دڪاندار به شام ڇهين وڳي دڪان بند ڪري ڇڏين ها ته شايد ايترو وڏو الميو پيش نه اچي ها. ڪجهه ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته پلازا ۾ ٿيندڙ حددخليون جون اصل ذميوار به دڪاندارن جون انجمنون آهن.

ڪراچي ۾ باهه جو هي نه پهريون واقعو آهي ۽ نه ئي آخري هوندو. 2012ع ۾ بلديه فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 250 مزدور فوت ٿيا هئا، پر ان واقعي کان پوءِ به فيڪٽرين جون حالتون بهتر نه ٿيون. گذريل سال ملينيم مال ۾ باهه لڳڻ سبب 500 دڪان سڙي ويا ۽ اربين رپين جو نقصان ٿيو. 2023ع ۾ آر جي مال ۾ باهه لڳڻ سبب 10 ماڻهو فوت ۽ 22 زخمي ٿيا. ساڳئي سال عائشه منزل ڀرسان هڪ رهائشي ڪمپليڪس ۾ باهه لڳڻ سبب 950 فليٽ ۽ 25 دڪان تباهه ٿي ويا. اڄ به ڪيترن ماڻهن کي ريگنٽ پلازا ۾ ٿيل خوفناڪ باهه ياد اچي ٿي. انهن سڀني واقعن جو جائزو ورتو وڃي ته اها تلخ حقيقت سامهون اچي ٿي ته ڪنهن به ذميوار جو احتساب نه ٿيو. رڳو ميئر کي گاريون ڏيڻ بدران اهو سبق سکڻ گهرجي ته ڪرپشن جي بنياد تي بيٺل هن نظام کي مڪمل طور تبديل ڪرڻ کان سواءِ شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ممڪن ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.