گل پلازا جي سڙڻ جو واقعو ۽ پ پ جي ڪارڪردگي

تحرير: احمد اشفاق

مان حلفيه طور تي اهو اعتراف ڪريان ٿو ته مون پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪڏهن به ووٽ نه ڏنو آهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ ڏيڻ جو ڪو امڪان آهي. ان باوجود هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن مون کي هن جماعت سان هڪ قسم جو لڳاءُ محسوس ٿيندو هو. انهيءَ لڳاءُ جو رڳو هڪ ئي سبب هو ته عاصمه جهانگير پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندي هئي. جڏهن مان پيپلز پارٽي جي ان دور جي منظرنامي تي نظر وجهندو هوس ته اين ڊي خان، مبشر حسن، ڪمال الدين اظفر، فرحت الله بابر، رضا رباني، جهانگير بدر، قمر زمان ڪائره، تاج حيدر، چوڌري منظور، اعتزاز احسن ۽ محترمه بينظير ڀٽو جهڙا نالا نظر ايندا هئا. اهي سڀ شخصيتون بردباري، وضع داري، روشن خيالي ۽ جمهوري قدرن جون نمائنده هيون. انهن شخصيتن جي موجودگيءَ ۾ پيپلز پارٽي هڪ تعليم يافته ۽ حقيقي جمهوري جماعت لڳندي هئي، پر اڄ اها هڪ سياسي جماعت کان وڌيڪ هڪ پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني بڻجي وئي آهي.

اڄ انهن سڀني ماڻهن جي جاءِ تي ميمڻن، شاهن، غنيَن ۽ وهابن قبضو ڪري ورتو آهي. اهي اهي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجين ذميوارين کان منهن موڙين ٿا، جيڪي وڪٽم بليمنگ ڪن ٿا، جيڪي مرندڙ کي ئي سندس موت جو ذميوار ٺهرائين ٿا، ۽ جيڪي باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي ويل ماڻهن کي ئي ڏوهاري قرار ڏين ٿا. هي اهي ماڻهو آهن، جن کي پنهنجي ذميواريءَ جو ڪو احساس ئي ناهي، جن جي زبان تان معافيءَ جا ٻه لفظ به نٿا نڪري سگهن.

هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي سانحن کي روزمره جو واقعو سڏي ٻين ملڪن جا مثال ڏين ٿا ته اتي ته هن کان به وڌيڪ ماڻهو مري ويا هئا. اهي اهي ماڻهو آهن، جيڪي اقتدار کي پنهنجو پيدائشي حق سمجهن ٿا ۽ اها اميد رکن ٿا ته ڪو به کين سوال ڪرڻ جي جرئت نه ڪري. سندن ترجيح عوامي خدمت نه، پر دولت گڏ ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪرسي اولاد ڏانهن منتقل ڪرڻ آهي. وٽن فلمي اداڪارن وانگر ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ لاءِ ته وقت آهي، پر ڪنهن غريب جي فرياد ٻڌڻ لاءِ نه وقت آهي نه نيت. انهن سان گڏ سندن مراعات ۽ پگهارن تي پلجندڙ ميڊيا سيل به ايترو ئي بي حس آهي، جو ڪنهن سانحي کانپوءِ بلڊنگ جي انتظاميا کي ته ذميوار قرار ڏئي ٿو، پر اهو سوال نٿو اٿاري ته حڪومت ۾ هوندي به اها بدانتظامي آخر ڪيئن ٿي؟ اهو به نٿو ٻڌايو وڃي ته ڪمشنري نظام، جيڪو گذريل چئن مهينن کان شهر ۾ فعال آهي، فوٽ پاٿن تان سامان هٽائڻ، چانهه خانن وارن جون ڪرسيون کڻائڻ ۽ ڪي ايم سي سان گڏجي حددخليون ختم ڪرڻ ۾ ته سرگرم آهي، پر ساڳي حڪومت جي ماتحت بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اهو نظام ڇو نه بڻايو، جنهن سان غير قانوني اڏاوتون روڪيون وڃن ۽ بي ضابطه عمارتن کي يا ته ڊاهي پٽ ڪيو وڃي يا قانوني دائري ۾ آندو وڃي؟

حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به هن شهر کي پنهنجو سمجهيو ئي ناهي، نه ئي هن شهر جي نفسيات کي سمجهڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي آهي. هن شهر جي نبض تي سندن هٿ ڪڏهن به رهيو ئي ناهي. ماضي ۾ هنن ايم ڪيو ايم جي ڪجهه ريزرو سيٽن تي چونڊجي آيل عورتن کي پاڻ سان شامل ڪيو، ڪجهه اڳوڻن پارليامينٽرين کي ٽوڙي ورتو، ڪن کي ترجمان بڻايو، ڪن کي صلاحڪار مقرر ڪيو. ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان ڪجهه نوجوانن کي نوڪرين ۽ پئسن جي لالچ ڏئي پاڻ سان ملائي، هنن اهو سمجهيو ته هو ڪراچي فتح ڪري وٺندا يا هتي پنهنجو وجود مڃرائي ڇڏيندا. پر هو اهو سمجهڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهيا ته ڪراچي جا ماڻهو پيپلز پارٽي کان پاڻ کي ان ڪري پري محسوس ڪن ٿا، جو هن جماعت جو مائنڊ سيٽ بنيادي طور وڏيرڪو آهي. پيپلز پارٽي ڪراچي وارن کي به پنهنجو غريب هاري ۽ مزارع سمجهي ٿي. هنن جو خيال آهي ته جيئن هو ٻين علائقن ۾ پنهنجن ووٽرن جو استحصال ڪن ٿا، تيئن ڪراچي وارن کي به هانڪي سگهندا. نوي سيڪڙو حق کسي ڏهه سيڪڙو واپس ڏئي، انهن جون دليون کٽي سگهندا.

پيپلز پارٽي اها حقيقت مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته اها ڪراچي کي باقي سنڌ جيان نٿي هلائي سگهي، جتي ڪو سوال نه هجي، جتي هڪ ماڻهوءَ جي نوڪري سندس سڄي خاندان لاءِ عمر ڀر جي خاموشي ۽ وفاداريءَ جي ضمانت بڻجي وڃي. شايد اهو ئي بغض آهي، جنهن جي سزا ڪراچي جا ماڻهو ڀوڳين ٿا. اها ئي ذهنيت، اهو ئي نظريو ۽ اها ئي سوچ گل پلازا جهڙن سانحن کانپوءِ کلي سامهون اچي ٿي، جتي وڏي بي نيازي سان وڪٽم بليمنگ ڪئي وڃي ٿي ۽ سڄو ملبو ٻين جي مٿان اڇلايو وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.