واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ڳالهين لاءِ ساڻس رابطو ڪيو آهي، پر هن ڳالهين کان اڳ ڪارروائي جي ڌمڪي به ڏني آهي ۽ چيو آهي ته ملاقات کان اڳ ڪارروائي ڪرڻي پئجي سگهي ٿي. اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ٽرمپ ايران ۾ احتجاج ڪندڙن جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب،صدر کي جن آپشنن تي بريفنگ ڏني وئي انهن ۾ ايراني سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ، سائبر آپريشن ۽ نئين پابنديون شامل آهن. ٽرمپ ايران ۾ انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ايلون مسڪ سان ڳالهائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.