راولپنڊي/لنڊن (م ڊ) جڪارتا جي حڪومت طرفان 40 جي ايف 17 ٿنڊر ۽ ڊرونز خريد ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. انڊونيشيا جي بچاءَ واري وزير پاڪستاني فضائيا جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ويڙهاڪ جهازن ۽ هٿياربند ڊرونز جي امڪاني وڪري سميت وڏي دفاعي معابهدي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٽن سڪيورٽي عملدارن برطانوي اداري کي ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن ۾ خريداري جي معاهدي تي ڳالهيون اڳتي وڌيون. سي ڊي ايف، فيلڊ مارشل عاصم منير سان انڊونيشيا جي بچاءَ واري وزير سجا فري سجامسودين ملاقات ڪئي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، انڊونيشايئي وزير جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ فيلڊ مارشل سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي ۽ عالمي سطح تي تبديل ٿيندڙ سڪيورٽي صورتحال ۽ ٻطرفو دفاعي سهڪار وڌائڻ تي جي موقعي تي ڳالهيون ٿيون. ڌرين پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ اداراجاتي رابطا مضبوط ڪرڻ، تربيتي سهڪار وڌائڻ ۽ دفاعي صنعت ۾ ڀائيواري جي اهميت تي زور ڏنو. انڊونيشيا جي وزير پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت جي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي فيلڊ مارشل عزم ورجايو ته انڊونيشيا سان مضبوط ۽ جٽادار لاڳاپا قائم رکيا ويندا. جيڪي گڏيل قدرن، احترام ۽ اسٽريٽجڪ مفادن تي ٻڌل هوندا.