ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جو ڪامياب شو،ڳالهين جو در کلندو؟

اسلام آباد( مزمل سهروردي+منيب فاروق)، تحريڪِ انصاف ڪراچي ۾ مزارِ قائد وٽ جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.  حڪومت جي سرڪاري انگن اکرن موجب هتي پنج هزار ماڻهو موجود هئا، جڏهن⁠ته پي ٽي آءِ چوي ٿي ته ٽي يا چار لک ماڻهو هئا. پر اندازي موجب اتي لڳ ڀڳ 20 هزار کان 50 هزار تائين ماڻهو موجود هئا.سنڌ حڪومت رڪاوٽون وڌيون، ڊراما ڪيا، هڪ طرف اسٽيبلشمينٽ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻي طرف اندروني طور پي ٽي آءِ سان به رابطن جو سلسلو برقرار رکيو ويو. مٿان اسٽيبلشمينٽ جو دٻاءُ هو، ٻاهران رڪاوٽون به لڳايون ويون، پروٽوڪول به ڏنو ويو. يعني ٻئي ڪم گڏوگڏ هلندا رهيا.نتيجي طور، مزارِ قائد، باغِ جناح ۾ تحريڪِ انصاف جو جلسو ٿي ويو. نه ڪو اسٽيج هو، نه ڪو ڊيڪ، نه ڊي جي، نه ٻيو ڪجهه، پر ان جي باوجود جلسو ٿيو. رات جو ته جشن جهڙو ماحول هو، ماڻهن موبائيل فونن جي ٽارچن سان روشنيون ڪيون. سهيل آفريدي تقرير ڪئي.سهيل آفريدي جي تقرير ۾ اهم ڳالهه ڊي چوڪ ئي وڃڻو پوندو هئي،ماضي ۾ 26 نومبر تي ۽ ان کان اڳ به جڏهن ڊي چوڪ تي دٻاءُ وڌو ويو هو ته عمران خان سان ڳالهين جو رستو کليو هو. هاڻي حالتون مختلف آهن، حڪومت اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهي. پر عمران خان کي خبر آهي ته جيڪڏهن ڊي چوڪ ڏانهن مارچ ٿئي ٿو ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ڳالهين تي مجبور ٿي ويندي. سهيل آفريدي ان ڳالهه جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.هن وقت سخت سيارو آهي، اسلام آباد، ڪي پي، پنجاب سڀني ۾. اهڙي سردي ۾ ڊي چوڪ ڏانهن مارچ ممڪن ناهي. ماڻهن کي راتين جو رستن تي نٿو رکي سگهجي.موسم کُلڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو، شايد فيبروري تائين. پر مسئلو اهو آهي ته 18 فيبروري کان رمضان شروع ٿي رهيو آهي. تحريڪِ انصاف کي حساب ڪرڻو پوندو ته ڇا 18 فيبروري کان اڳ لانگ مارچ ڪجي، يا سڄي ملڪ ۾ ڦيٿاروڪ هڙتال ڏجي.  خيال آهي ته ان ڏينهن پنجاب ۽ سنڌ کليل رهندا، صرف ڪي پي ۾ هڙتال ٿيندي. ملڪ گير شٽر ڊائون ڪامياب نه ٿيندي،ٻئي پاسي.فريال ٽالپور جي ڌيءَ جي شادي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو اهم ماڻهو نظر نه آيو. جنرل باجوہ جون تصويرون ضرور نظر آيون، پر فيلڊ مارشل عاصم منير، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ٻيا اهم ماڻهو شريڪ نه هئا. وزيراعظم شهبازشريف، نواز شريف، مريم نواز، خواجه آصف به نه آيا. اهو مڪمل طور تي پيپلز پارٽي جو ئي پروگرام لڳو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.