اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي. پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته سال نئون آهي پر پاڪستان جا مسئلا ساڳيا پراڻا آهن، سهيل آفريدي جو سنڌ جو دورو تمام سٺو هو، پر گذريل ڏينهن سنڌ حڪومت جو رويو جمهوري نه هو. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي ٽوپي ۽ اجرڪ جو خيال رکڻ گهرجي ها. بئريسٽر گوهر چيو ته حڪومت هاڻي سپر اسپيڊ مان نڪري آئي آهي ۽ هڪ ونڊر بواءِ جي ڳولا ۾ آهي، حڪومت کي جلد مخالف ڌر جي اڳواڻ کي اطلاع ڏيڻ گهرجي، ته جيئن اهو گهر ۾ اڪيلو شڪار نه ٿئي.