ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي حق دو تحريڪ جي باني ۽ جماعت اسلامي بلوچستان جي امير مولانا هدايت الرحمان ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ بلوچستان کي بيشمار قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي پر افسوس جو اهي وسيلا هئڻ باوجود بلوچستان اڄ به ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ پٺتي پيل صوبو بڻيل آهي. هن چيو ته هي صورتحال صرف بدانتظامي، ناانصافي ۽ حڪمرانن جي لاتعلقي جو نتيجو آهي.مولانا هدايت الرحمان چيو ته بلوچستان جي 46 سيڪڙو نوجوانن کي نه تعليم ملي رهي آهي ۽ نه ئي روزگار جا موقعا موجود آهن، جنهن سبب نوجوان مايوسي، بي راهه روي ۽ منشيات جهڙين لعنتن ڏانهن ڌڪجي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته صوبي جا 65 سيڪڙو ٻار بنيادي تعليم کان محروم آهن، جڏهن ته 60 سيڪڙو گهرن ۾ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي به موجود ناهي، جيڪو هڪ وڏو انساني الميو آهي. هن چيو ته بلوچستان جهڙو وڏو صوبو، جتي لکين ماڻهو رهن ٿا، اتي هڪ به اهڙي معياري اسپتال موجود ناهي. هن چيو ته بلوچستان سڄي ملڪ کي گئس فراهم ڪري ٿو، پر خود بلوچستان جو عوام اڄ به گئس جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهي. هن سوال ڪيو ته آخر ڪهڙي انصاف تحت بلوچستان جا وسيلا ٻين صوبن لاءِ استعمال ٿين ٿا، جڏهن ته هتان جا رهواسي بنيادي حقن کان به محروم آهن. جيڪڏهن ڪو بلوچ پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان کي غدار قرار ڏنو وڃي ٿو، جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي. هن واضح ڪيو ته بلوچ عوام پاڪستان سان وفادار آهي، پر هو عزت سان جيئڻ چاهي ٿو. مولانا هدايت الرحمان وڌيڪ چيو ته طاقت جي استعمال سان مسئلا حل نٿا ٿين، بلوچستان کي گولين جي نه، پر پيار، انصاف ۽ ڀروسي جي ضرورت آهي.