سماج ۾ انصاف لاءِ مضبوط عدالتي نظام ضروري آهي\چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪنڌڪوٽ/لاڙڪاڻو (نمائندا) چيف جسٽس سنڌ جسٽس ظفر احمد راجپوت هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن طرفان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سماج ۾ انصاف کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ منظم ۽ مضبوط عدالتي نظام انتهائي ضروري آهي، جيڪو رياست ۾ ماڻهن جي جان، مال ۽ حقن جو تحفظ ڪري ۽ يقيني بڻائي ته هر ماڻهو کي سندس حق ملي. رياست جي وحدت ۽ سالميت لاءِ انصاف جو نظام انتهائي اهم آهي. جڏهن بار ايسوسيئيشنون سٺي نموني ڪم ڪن ٿيون ته انصاف جو نظام وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو. سندس چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن طرفان جنهن نموني مون کي سنڌي ثقافت، پٽڪي ۽ اجرڪ سان نوازي عزت بخشي وئي، ان احساس کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو آهي، حقيقت ۾ اجرڪ جا رنگ توهان جي محبت، خوشحالي ۽ خوشيءَ جي علامت آهن، اهي رڳو ثقافتي تحفا نه پر منهنجي لاءِ توهان جي محبت ۽ دعائون آهن. تقريب ۾ جسٽس شمس الدين عباسي، جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي، جسٽس ذوالفقار علي سانگي، جسٽس علي حيدر اداسميت هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جي صدر اطهر عباس سولنگي، نائب صدر نور الدين مهيسر، جنرل سيڪرٽري آصف حسين چانڊيو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ چيف جسسٽس سنڌ جسٽس ظفر احمد راجپوت طرفان هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ مختلف اسڪيمن جو افتتاح پڻ ڪيو ويو. ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت ڪنڌڪوٽ پهتو، جتي سيشن ججن، بار ايسوسيئيشن ۽ وڪيلن شاندار استقبال ڪيو. چيف جسٽس ڪورٽ جي اڱڻ تي ٻوٽو پوکيو ۽ وڪيلن کي خطاب ڪندي ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور بار جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو واعدو ڪيو. سندس چوڻ هو ته دنيا پراڻي قبيلائي نظام کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي. ٽوپي ۽ اجرڪ اسان جي ثقافت آهن. هن اعلان ڪيو ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور بار لاءِ سولر سسٽم لڳايو ويندو ۽ وڪيلن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي. وڪيلن وڪيل سوسائيٽي ۽ ضلعي ۾ امن و امان بهتر ڪرڻ جا مطالبا ڪيا. چيف جسٽس کي وڪيلن طرفان 250 اجرڪن ۽ پٽڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.