يونيورسٽي روڊ تي غيراخلاقي حرڪتون ڪندڙ شهري جي ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر) يونيورسٽي روڊ تي غيراخلاقي حرڪتون ڪندڙ جوابدار محي الدين کي جڊيشنل مجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت سندس ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت جوابدار کي 20 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت جو چوڻ هو ته جوابدار خلاف لڳايل الزام ضمانت لائق آهن، تنهنڪري قانون موجب کيس ضمانت ڏني وئي. پوليس عدالت کي ٻڌايو ته محي الدين جي نازيبا حرڪتن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن بعد معاملو سامهون آيو. پوليس موجب وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ جوابدار خلاف ٽائون پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو ۽ جاچ جاري آهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ايندڙ تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.