عالمي نظام ۾ تبديلي،ٽرمپ جو ايندڙ نشانو سعودي عرب،آمريڪا جو زوال؟

اسلام آباد/بيجنگ(ڊاڪٽر حسن ظفر)تجزئي نگار ڊاڪٽر حسنين جاويد۽ پاڪستان جي اڳوڻي سفير شمشاد علي خان جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ جيڪي ڳالههيون ڪيون ويون آهن، اهي سڀ درست آهن ۽ انهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ جي ضرورت ناهي۔ آمريڪا زوال طرف وڃي رهيو آهي، ۽ زوال جي هن عمل دوران هن ڪيترائي ڳجها ۽ کليل آپريشن به ڪيا آهن۔ وينزويلا جو معاملو ان جو تازو مثال آهي، هنن چيو ته  سپر پاور هجڻ جي باوجود آمريڪا جو طريقو انتهائي پراڻو آهي: هو رياستي سربراهن کي رات وچ ۾، گهر مان، بيگم سميت کنڀي کڻي وڃي ٿو۔پاڪستان جي حوالي سان به هڪ حڪمتِ عملي آهي، جنهن تحت سڀ کان پهريان سعودي عرب کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻو آهي،هنن چيو ته گڏيل قومون هاڻي صرف هڪ تماشو بڻجي چڪيون آهن۔ ان وٽ نه ڪا ساک رهي آهي ۽ نه فيصلا ڪرڻ جي حقيقي طاقت۔ ٽرمپ جهڙو شخص نه سياستدان آهي، نه سفارتڪار، نه اخلاقي قدرن جو پابند؛ هو طاقت کي جيئن چاهي استعمال ڪري ٿو۔هنن چيو ته ايران ۾ آمريڪا ريجيم چينج ۾ ناڪام رهيو، ۽ هاڻي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سعودي عرب ۾ به تبديلي آڻڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو۔ ٽين عالمي جنگ جا امڪان ڏٺا پيا وڃن، جنهن ۾ مختلف ملڪن ۾ پراڪسيز ٺاهيون پيون وڃن، هٿيار منتقل ڪيا پيا وڃن، هنن چيو ته چين ٽين عالمي جنگ ۾ سڌي طرح شامل نه ٿيندو۔ چين وٽ هڪ سئو سالن تي ٻڌل مستقل پاليسي آهي۔ هو مارڪيٽن ۽ معاشي اثر وڌائڻ تي ڌيان ڏئي ٿو، روس معاشي طور تمام مضبوط نه آهي، پر فوجي ۽ اسٽرٽيجڪ لحاظ کان ٻيهر اڀري رهيو آهي۔ هن وقت دنيا بائي پولر (آمريڪا بمقابله روس) ڏانهن وڃي رهي آهي؛ ملٽي پولر دنيا شايد ٽين عالمي جنگ کان پوءِ وجود ۾ اچي،هنن چيو ته محمد بن سلمان اسلامي دنيا ۾ قيادت، شان و شوڪت ۽ علائقائي بالادستي چاهي ٿو۔ هن آمريڪا کي ٽريلين ڊالر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ابراهام معاهدي تي صحيح نه ڪئي، ڇو⁠ ته سعودي عرب ۾ به نئون نسل (Gen Z) مخالفت ڪري رهيو آهي،گڏيل عرب امارات آمريڪي ۽ اسرائيلي منصوبن ۾ استعمال ٿئي ٿويمن، سوڊان، ليبيا ۽ آفريڪا ۾ جيڪي به ويڙهون آهن، انهن ۾ UAE پردي پٺيان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  اربع 07 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.