لاهور(معظم فخر) پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هڪ وسيع اتحاد جوڙجڻ وڃي رهيو آهي، جنهن ۾ مشترڪ دفاع جو آپشن به شامل هوندو.ان سلسلي ۾ ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي وچ ۾ سڌو رابطو ٿيو آهي. عرب ميڊيا هن حوالي سان اهم اڳڀرائي جا اشارا ڏئي رهي آهي. ميڊيا موجب، آمريڪا طرفان تازين اڳڀراين خاص طور تي غزا ۾ اسرائيل جي انڌاڌند حمايت ۽ يمن جي معاملي تي خاموشي سعودي عرب کي مجبور ڪيو آهي ته هو پنهنجي دفاع ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت نئين زاويي سان سوچي.پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي هڪ مشترڪ دفاعي معاهدو موجود آهي، پر هاڻي سعودي عرب پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ سعودي ڪابينا مان هڪ اهم ڊرافٽ جي منظوري به ڏئي چڪو آهي.هي سڀ ڪجهه سعودي ويزن 2030 جو حصو آهي، جنهن تحت سعودي عرب علائقائي طاقتن سان ويجهو لاڳاپو وڌائڻ چاهي ٿو.هاڻي هن اتحاد کي وڌيڪ وسيع ڪندي، ترڪي کي به مشترڪ دفاعي آپشن ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. اهڙي ريت پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي گڏجي هڪ نئين بلاڪ جي بنياد رکڻ وڃي رهيا آهن، جيڪو انتهائي اهميت جو حامل هوندو.سعودي ميڊيا واضح اشارا ڏئي رهي آهي ته سعودي عرب هاڻي اهو سمجهي ٿو ته يمن، سوڊان ۽ صومالي لينڊ ۾ متحده عرب امارات جيڪي قدم کڻي رهيو آهي، انهن جي پويان آمريڪا ۽ اسرائيل موجود آهن.سعودي عرب جو خيال آهيته امارات انهن ملڪن ۾ اهڙن گروپن جي حمايت ڪري رهيو آهي، جيڪي اتان جي جائز حڪومتن خلاف جنگ ۾ آهن، ۽ اهو سعودي خودمختياري لاءِ سڌو چئلينج آهي.نئين دفاعي بلاڪ سعودي عرب ترڪي شامل هوندا.ان جو مطلب اهو ٿيندو ته جيڪڏهن انهن ٽن مان ڪنهن به ملڪ تي حملو ٿيو، ته ٻيا ٻه ملڪ ان کي پنهنجو مٿان حملو سمجهي جنگ ۾ شامل ٿيندا.هي اتحاد يمن، ليبيا ۽ سوڊان جهڙن ملڪن ۾ به گڏيل قدم کڻڻ جي سگهه رکي سگهي ٿو، جنهن جي قيادت سعودي عرب ڪندو.جيڪڏهن هي اتحاد حقيقت بڻجي وڃي ٿو ته:سعودي سرمايو ترڪي جي دفاعي صنعت پاڪستان جي نيوڪليئر ۽ فوجي صلاحيت گڏجي هڪ انتهائي مضبوط دفاعي قوت بڻجي سگهن ٿا.ان سان گڏگڏيل هٿيارن جي پيداوارٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ گڏيل سيڙپڪاري پاڪستان جي معيشت کي به وڏو سهارو ڏيندي.سعودي ڪابينا تازو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هڪ اهم معاهدي جي ڊرافٽ جي منظوري ڏني آهي، جنهن تحت پاڪستان جي توانائي ضرورتن لاءِ مدد آئل ريفائنري آئل اسٽوريج ۽ معدنيات ۾ سعودي سيڙپڪاري شامل آهي.هي سڀ اشارا ڏيکاري رهيا آهن ته مسلم دنيا هاڻي پنهنجي سيڪيورٽي ۽ ترقي بابت مائنس آمريڪا” سوچ تي غور ڪري رهي آهي سعودي عرب آهستي آهستي آمريڪي ڪيمپ کان ٻاهر نڪرڻ جا اشارا ڏئي رهيو آهي جيڪڏهن پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جو هي اتحاد قائم ٿي وڃي ٿو، ته اسرائيل هندستان ۽ متحده عرب امارات جي حمايتي گروپن لاءِ اهو وڏو ڌچڪو هوندو.