راولپنڊي(م ڊ)پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان سان اڱارو جيل ۾ ملاقات جو ڏينهن هو، پر سندس ڀينرن سميت ڪنهن کي به ملاقات جي اجازت نه ملي، جنهن خلاف عليمه خان،نورين نيازي،عظميٰ خان ۽ ٻين جيل جي ويجهو ڌرڻو هڻي ڇڏيو ان دوران فيڪٽري ناڪي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران قرآن خواني پڻ ڪئي وئي۔ راولپنڊي پوليس طرفان ڌرڻي واري هنڌ پاڻي جو ٽينڪر آڻي پاڻي ڇڏيو ويو، جنهن سبب علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو ۽ مظاهرين کي مجبوراً جاءِ تبديل ڪرڻي پئي،ڌرڻي ۾ سلمان اڪرم راجا، عون عباس بپي، شاندانا گلزار، نعيم پنجوٿا، مينا خان آفريدي ۽ شوڪت بسرا سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏهن ته بعد ۾ قومي اسيمبلي لاءِ نامزد اپوزيشن ليڊر محمود اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس به ڌرڻي واري هنڌ پهتا.