گٽر جو ڍڪ لاهي اتي ئي رکيو ويو هو\مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ ٻار جي گٽر ۾ ڪرڻ جي واقعي بابت اهم انڪشاف ڪيو آهي. ڪڊني هِل پارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته شروعاتي رپورٽ موجب گٽر جو ڍڪ هٽائي هڪ طرف رکيو ويو هو. هن چيو ته جنهن يوسي ۾ 8 سالن جي ٻار جي گٽر ۾ ڪرڻ ۽ فوت ٿيڻ جو واقعو پيش آيو ان کي 9 ۽ 10 ڊسمبر تي 1 لک رپيا ڏنا ويا هئا. ميئر ڪراچي وڌيڪ چيو ته جيڪو ڪم نه ڪندو ان کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو، اهو ممڪن ناهي ته ڪي ايم سي کي بليڪ ميل ڪيو وڃي. ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ مين هول ۾ ڪرڻ کان پوءِ فوت ٿيندڙ والدين جو اڪيلو پٽ 8 سالن جي دلبر جو پيءُ چوي ٿو ته مهينو اڳ گٽر کي صفائي لاءِ کوليو ويو هو ۽ پوءِ ان تي ڍڪ نه لڳايو ويو هو. ان کان اڳ ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهّاب ڪڊني هِل پارڪ ۾ 20 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان جديد برڊ ايويري جو سنگِ بنياد رکيو، جيڪو شهر جو سڀ کان وڏو ۽ ڏيڍ ايڪڙ تي مشتمل هوندو. هن چيو ته منصوبو پکين جي تحفظ، سياحت ۽ تعليمي مقصدن لاءِ اهم آهي ۽ قدرتي ماحول سان مطابقت رکندڙ ڊزائين ڪئي وئي آهي. ميئر ٻڌايو ته ڪڊني هِل پارڪ کي اربن فاريسٽ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جتي لکين وڻ پوکيا ويا آهن، ۽ برڊ ايويري جي تعمير 120 ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.