ڪنڌڪوٽ لڳ پوليس هٿان زخمي ڳوٺاڻو فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

تنگواڻي/ڪنڌڪوٽ (نمائندا) جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ نورخان چولياڻي ۾ پوليس فائرنگ سان زخمي ٿيل 40 ورهين جو پيراڻو ولد رسول بخش چولياڻي علاج دوران فوت ٿي ويو. پوليس موجب موٽر سائيڪل سوار کي چيڪنگ دوران بيهڻ جو اشارو ڏنو ويو، نه بيهڻ تي فائرنگ ٿي جنهن ۾ هو زخمي ٿيو ۽ بعد ۾ فوت ٿي ويو. ٻئي طرف مقتول جي چاچي مکڻو چولياڻي ۽  وارثن الزام لڳايو آهي ته پيراڻو چولياڻي بيگناهه هو ۽ کيس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو. وارثن موجب هو پنهنجي زمين تي ڪم ڪري رهيو هو ته پوليس مخالف ڌر کان پئسا وٺي کيس نشانو بڻايو. واقعي خلاف وارثن سيشن ڪورٽ ڪنڌڪوٽ آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو. مقتول جي وارثن زادي خاتون، گوهر خاتون، جوري خاتون، احسان، طفيل، ظهور، شبير، رهزن چولياڻي سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اسان جي نوجوان کي ناحق قتل ڪيو آهي. هنن الزام لڳايو ته پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.