ڪراچي (رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهّاب ايف آءِ اي طرفان ڪراچي ڪپهه ايڪسچينج جي ملڪيت سيل ڪرڻ تي سخت اعتراض ڪندي ان قدم کي جلدبازي ۽ حقيقتن کان بغير قرار ڏنو آهي. هن ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سنڌ کي لکيل خط ۾ چيو ته ڪراچي ڪپهه ايڪسچينج واري ملڪيت بلديه عظميٰ ڪراچي جي ميونسپل زمين آهي، جيڪا 1936ع ۾ قانوني طور ڪي ايم سي حوالي ٿي ۽ بعد ۾ ليز تي ڏني وئي. ميئر موجب ڪي ايم سي جي لينڊ کاتي سرڪاري رڪارڊ سان تصديق ڪئي آهي ته ملڪيت ڪراچي ڪپهه ايڪسچينج جي نالي درج آهي، جڏهن ته ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي دعويٰ بي بنياد آهي. هن چيو ته ملڪيت بابت تڪرار اڳ ئي هاءِ ڪورٽ ۾ زيرِسماعت آهي، تنهن ڪري بغير جاچ سيل ڪرڻ غيرقانوني عمل آهي. مرتضيٰ وهّاب خبردار ڪيو ته اهڙي ڪارروائي سان نه رڳو ڪي ايم سي کي مالي نقصان پهچندو پر هزارين واپاري ۽ معاشي سرگرميون به متاثر ٿينديون، ڇو ته ڪراچي ڪپهه ايڪسچينج ملڪ جي ڪپهه واپار جو اهم ادارو آهي.