سنڌ ۾ عوامي عدالتون لڳائڻ جو فيصلو، صنعتي علائقن لاءِ 2.9 ارب رپيا منظور

ڪراچي: (رپورٽر) سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ صنعتي علائقن جي ترقي لاءِ 2.9 ارب روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته شهر جي سمورن صنعتي علائقن جي روڊن ۽ نيڪالي جي نظام جي مرمت ڪئي ويندي، سنڌ حڪومتي صنعتي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي ٻين انڊسٽريل اسٽيٽس جي لاءِ ڌار پيڪيج جو اعلان ڪندي. صوبي جي ٻين شهرن جي صنعتي اسٽيٽس جي ترقي لاءِ انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ ڪم ڪري رهيو آهي جيئن ئي ترقياتي منصوبا تيار ٿي ويندا پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 23 ضلعن ۾ عوامي عدالتون منعقد ڪيون ويون هيون. عوامي عدالتن ۾ امن امان، پوليس، صحت جي سهوليتن، بلدياتي خدمتون، واٽر سپلاءِ(پي ايڇ اي) روڊن، آبپاشي ۽ تعليم بابت شڪايتون مليون هيون. سنڌ جي وڏي وزير سمورن کاتن کي هدايت ڏني ته اهي عوامي شڪايتن جو ازالو ڪري انهي جي رپورٽ پيش ڪن. هن حڪم ڏنو ته جنوري جي ٻئين هفتي کان ٻيهر عوامي عدالتون شروع ڪيون وينديون. سنڌ جي وڏي وزير وارننگ ڏني ته جيڪڏهن اهڙين شڪايتن جو ازالو نه ڪيو ويو ته لاڳاپيل آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.