سڪرنڊ لڳ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 4 نينگر اجل جو شڪار

سڪرنڊ/نيو سعيد آباد (نمائندن وٽان) سڪرنڊ قومي شاهراھ پيالا ھوٽل وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ سعيد  آباد ڀرسان ڳوٺ اول ڇڇر واسي 4  نينگر ڳوٺاڻا موقعي تي فوت  ٿي ويا. فوتين جا لاش ھمدرد فري ايمبولينس سروس ذريعي تعلقي  اسپتال سڪرنڊ آندا ويا جتي فوتين جي سڃاڻپ، سھيل پٽ ممتاز کوکر، نظام الدين پٽ پپو کوکر، فرحان پٽ حمزو لاکو ۽ سليمان پٽ منٺار کوکر طور ٿي. واقعي کانپوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري علي حيدر شاھ، اڳوڻو صوبائي وزير غلام رسول انڙ، ايس يو پي تعلقي صدر ايوب کوسو، شھري اتحاد سڪرنڊ جو صدر سانول ڪيريو ۽ شھري وڏي انگ ۾ اسپتال پھتا. فوتين جي وارثن جو چوڻ هو ته  فوتي صبح ڳوٺ کان ڪبوتر وٺڻ لاءِ سڪرنڊ اچي رھيا ھئا ته واقعو پيش آيو جڏهن ته واقعي واري هنڌ اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سوار چئن ڄڻن کي ٽڪر ھنيون. ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار تڙپندا رهيا پر موٽروي پوليس سميت ڪوبه سندن بروقت مدد لاءِ نه  پھتو ۽ مقامي ماڻھن جي اطلاع تي ھمدرد فري ايمبولينس سروس ذريعي لاش تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندا ويا. اسپتال ۾ فرسٽ ايڊ جي به  سھولت نه هئي. سرڪاري ايمبولينس جو ٽائر پنچر ھجڻ ڪري لاش ھمدرد فري ايمبولينس سروس ۽ بلقيس ايمبولينس ذريعي سڪرنڊ کان سندن اباڻي ڳوٺ اول ڇڇر نيا ويا.

  1. موٽروي پوليس رڳو پيسا اوڳاڙڻ ۾ پوري آهي: غلام قادر چانڊيو

سڪرنڊ: پيپلزپارٽي ايم پي اي، غلام قادر چانڊيو چيو ته  نيشنل ھاءِ وي جي حالت خراب ھجڻ ڪري سڪرنڊ سميت سموري سنڌ۾ روڊ حادثا معمول بڻيل آهي جنھن سبب قيمتي جانيون ضايع  ٿين پيون. کوڙ ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تي وفاقي حڪومت جي اھڙي عمل خلاف آواز اٿاريو آهي پر وفاق رڳو  ٽول ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سميت موٽروي پوليس ذريعي پئسا اوڳاڙي رهيو آهي. اڳوڻو صوبائي وزير غلام رسول انڙ چيو ته  سنڌ حڪومت سميت وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته بنيادي سھولتون ڏئي جڏهن ته  ھن وقت قومي شاهراھ جي حالت خراب  آهي جنھن سان روڊ حادثا معمول بڻيل آهن. هنن چيو ته سنڌ جي سمورين اسپتالن سميت تعلقي اسپتال سڪرنڊ ۾ بنيادي سھولتون ناھن. ايتري قدر جو اسپتال ۾ بجلي به بند آھي، دوائون اڻلڀ آهن. پ پ ضلع جنرل سيڪريٽري علي حيدر شاھ جو چوڻ آهي ته  ٿيل واقعي تي  جيترو به  افسوس ڪجي اهو گھٽ آهي، ٻئي پاسي چار لاش ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

  1. چار لاش کڄڻ تي علائقي ۾ سوڳ، اباڻي قبرستان ۾ تدفين

نيو سعيد آباد: نينگرن جي جنازي نماز بعد سوين آلين اکين ۽ سڏڪن سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. چار لاش گڏ کڄڻ تي علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ واري فضا ڇانيل آھي. ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي سڪرنڊ طرف وڃي رھيا ھئا ته صابو راھو لڳ ٽرالر جي ٽڪر ۾ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا آھن. ذريعن موجب، نينگر ڪبوتر وٺڻ لاءِ سڪرنڊ وڃي رهيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.