نوشھرو فيروز (رپورٽ:ايم ظفر تڳر) نوشهروفيروز ۾ باغ مان زيتون پٽڻ تان بااثرن غريب جي گھر ۾ گھڙي نوجوان کي ڏنڊا ۽ ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڀريا پوليس پاران ڪا به ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ جوابدارن گرفتار نه ڪرڻ خلا ف ڪوٽ بھادر جي ڳوٺاڻن نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان سلسلي ۾ سجاد شاهه، بي بي ممتاز شاهه، بيبي مسرت شاهه، بيبي سائره وحيد شاهه وزير شاهه ۽ ثابت شاهه رڙيون ڪندي ٻڌايو ته اسان جو ننڍڙو ٻار زيتون پٽي آيو، ان تان ڳوٺ جي بااثرن قدير شاهه، مصري شاهه، ذاڪرشاهه ۽ قاسم شاهه اسان جي گھرن ۾ گھڙي ڏنڊا ڪھاڙيون ھڻي اسان جي 17 سالن جي نوجوان بشارت شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو۽ سجاد کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو اسان ڀريا ٿاڻي ٿي وياسي اين سي داخل ڪرائي آھي، پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري، اسان انصاف لاءِ توھان وٽ پھتا آھيون اسان جو مطالبو آھي ته فورن اسان جي نوجوان جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن قاتل ايترا اثر وارا آھن پوليس ڳوٺ تي ھلڻ لاءِ تيار نه آھي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد ، ايس ايس پي نوشھرو فيروز۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته فورن بشارت شاهه جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته اسان لاش دفن نه ڪنداسين، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي خبرون ھلڻ کان پوءِ ايس ايس پي روحل کوسو نوٽيس ورتو، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي حڪم بعد ڀريا پوليس اٽالا ساڻ ڪري ٻن مک جوابدارن قدير شاهه ۽ ذاڪر حسين شاهه کي گرفتار ڪري ورتو، ڀريا پوليس سان رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٻڌايو ته اسان ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، ٻيا جوابدار گهر ڇڏي ڀڄي ويا آهن، اسان سندن جي ڳولا ۾ آهيون، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.