اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت مشهور يوٽيوبر عادل فاروق راجا تي پابندي لڳائي ڇڏي، وفاقي حڪومت عادل فاروق راجا تي دهشت گردي ٽوڙ ايڪٽ تحت پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا، عادل فاروق راجا تي پابندي لاڳو ڪرڻ بابت گهرو ڊويزن جي سرڪيوليشن سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي، حڪومت طرفان عادل فاروق راجا تي پابندي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997 جي قلم 11 ڊبل اي تحت لاڳو ڪئي وئي، وفاقي ڪابينا هدايت ڪئي آهي ته پابندي بابت عملدرآمد رپورٽ 7 ڏينهن اندر ڪابينا ڊويزن ڏانهن اماڻي وڃي.