ليگي وفد جي پ پ قيادت سان ملاقات

نوڊيرو/لاڙڪاڻو(ن ع آ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي وفد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي قيادت ۾ نئون ديرو هائوس جو دورو ڪيو. وفد شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي صدرِ مملڪت آصف علي زرداري، خاتونِ اوّل بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.ان  موقعي تي وفد شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ايصالِ ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ڀٽو خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.