لاهور(بيورو)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي خيبرپختونخواهه اچڻ جي دعوت ڏني آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سندن جيڪو طريقو رهيو آهي، اهو اسان جي هر پارليامينٽرين جي ذهن تي نقش ٿي ويو آهي، خاص طور تي منهنجي ذهن مان ته بلڪل به نٿو نڪري.هن چيو ته مان کيس دعوت ڏيان ٿو ته هوءَ خيبرپختونخواهه اچي. هن منصب جي جيڪا عزت آهي، جيڪا ان جي تڪريم آهي، اها مان کيس ٻڌائيندس ته جمهوري قوتون انهن قدرن جو خيال ڪيئن رکن ٿيون،هن چيو ته ڪالهه کان پنجاب ۾ اسان سان جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو آهي، اهو ذهني پستي جي علامت آهي. ڪالهه اسان سان جيڪو ورتاءُ هو، اهو مان ڪڏهن به وساري نٿو سگهان، هن چيو ته هي منهنجو پاڪستان آهي ۽ پوري پاڪستان ۾ وڃڻ لاءِ مون کي ڪنهن جواز جي ضرورت ناهي. اسان ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد اسيرن سان ملاقات لاءِ پنجاب حڪومت کي خط لکيو، پر نه ڪو جواب آيو ۽ نه ئي ملاقات ٿي سگهي. مجموعي طور ڪالهه کان جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو آهي، اهو ذهني پستي جي علامت آهي، معزز سماج ۾ اهڙو ورتاءُ نٿو ڪيو وڃي. ان جي باوجود مون کي جيڪا اسٽريٽ موومنٽ جي تياري جي ذميواري ملي آهي، مان ان کي بلندين تائين پهچائيندس. ڳالهين يا تحريڪ جو اختيار “تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان” وٽ آهي ۽ مان به انهن سان گڏ بيٺل آهيان.سهيل آفريدي اسير پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي گهر ويا، جتي هن زين قريشي سميت ٻين سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد ،اعجاز چوڌري ميان محمودالرشيد جي گهر به ويو. پي ٽي آءِ جي وڪيل اڳواڻ نعيم حيدر پنجوتها چيو ته “عمر سرفراز چيما جي گهر ان ڪري نٿا وڃي سگهون، ڇاڪاڻ ته سندن گهر ڪينٽ ۾ آهي ۽ ڪينٽ ۾ وڃڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي.
سهيل آفريدي جو دورو پنجاب حڪومت جي ”حرڪتن “سبب ڪامياب؟
لاهور(امداد سومرو+حماد حسن+ايثار رانا)لاهور ۾ سهيل آفريدي جي دوري دوران، ماڻهن جو رويو ۽ پنجاب حڪومت جي ڪردار جي نتيجي ۾، هڪ ناڪام شو به ڪامياب ٿي ويو. اهو تاثر پيدا ڪيو ويو ته سهيل آفريدي پاڻ سان جهنگلي انداز جا ماڻهو آندا هئا، ۽ پنجاب جي ترجمانن جي حمايت سان ان کي تاڙيون وڄائي ڀرپور شو ڏيکاريو ويو.تحريڪ انصاف اڳواڻ لاھور آيا، پر پنجاب حڪومت جو سياسي انداز صحيح نه هو. گڏوگڏ، پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ ترجمانن پاران ان دوري ۾ مهمان نوازي جون روايتون ٽوڙيون ويون، ميڊيا ۽ ڪجهه صحافين پاران غير ذميوار رپورٽنگ ڪئي وئي، الزام لڳايا ويا ته سهيل آفريدي منشيات ۽ هٿيار آڻيندو. اصل ۾، اهڙي رپورٽنگ ميڊيا جي پروفيشنل معيار جي خلاف هئي ۽ عوام ۾ غلط فهمي پيدا ڪئي.سھيل آفريدي جي دورو هڪ سادي ملاقات ۽ عوام سان ملاقات لاءِ هو، ان ۾ ڪنهن به سياسي انتشار يا فساد جو مقصد نه هو. تحريڪ انصاف جي ڪجهه ماڻهن پاران پنجاب اسيمبلي ۾ غير رواجي رويي جو مظاهرو ڪيو ويو، جتي اهي پنهنجي جٿي سان آيا ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪجهه انتشار ٿيو، پر اصل مقصد صرف پنهنجن حمايتي ماڻهن سان ملاقات ۽ گڏجاڻي هئي،ليگي ڪارڪنن به سوشل ميڊيا تي وسان ڪين گهٽايو،مريم نواز سهيل آفريدي کي نيرن تي گهرائي سياسي ڇڪتاڻ وارو ماحول گهٽائي پئي سگهي،لاهور ۾ سھيل آفريدي جي آمد تي پنجاب حڪومت هڪ اشتهار جاري ڪيو، جنهن ۾ هڪ طرف مريم نواز جي رنگين تصوير هئي ۽ ٻئي طرف سھيل آفريدي جي بليڪ اينڊ وائٽ تصوير، وچ ۾ “ڪارڪردگي” ۽ ڪجهه ٻيا ٽائيٽل لکيا ويا، ۽ انهيءَ ۾ لکيو ويو ته جيڪي ڊرگ سمگلر آهن، انهن کي لاھور ۾ جاءِ نه ڏني ويندي.ظاهر آهي ته هي پنجاب حڪومت پاران شايع ڪيل اشتهار، ڪنهن پرائيويٽ شخص پاران نه پر سرڪاري طور آيو، جنهن ۾ آيل مهمان کي ڊرگ سمگلر قرار ڏنو ويو. اهو صوبن جي وچ ۾ نفرت وڌائڻ وارو عمل آهي. صحافين تڪراري سوال ڪيا،پي ٽي آءِ جي مينا خان جذباتي انداز ۾ جواب ڏنو، جيڪو شايد صحيح نه هو،جڏهن ته سهيل آفريدي لاھور ۾ اچي، عوام کي هڪ نئين زندگي ڏني، ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت ڪندڙن لاءِ حوصلو وڌايو. ان کان پوءِ مختلف ميڊيا جي ماڻهن ۽ صحافين جي ردعمل ۽ مينا خان جي جوابن سبب هڪ تڪراري صورتحال پيدا ٿي.پنجاب ۽ ٻين صوبن جي وچ ۾ نفرت جو سلسلو وڌي رهيو آهي،ٻئي پاسي سينئر صحافي سلمان غني چيو ته سهيل آفريدي جو اهو دورو لاهور ۾ تحريڪ انصاف کي متحرڪ ڪرڻ جي هڪ ڪوشش هئي جيڪو ن ليگ لاءِ هضم ڪرڻ ايترو آسان نه هو،پنجاب حڪومت کي اعليٰ ظرفي جو مظاهرو ڪندي کيس سرگرمين جي اجازت ڏيڻ گهرجي ها،هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ جهڙي طرح پي ٽي آءِ اڳواڻن کان سوال ڪيا ويا اهو طرزعمل درست نه هو،سينئر صحافي مجيب الرحمان شامي چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ کي سهيل آفريدي کي چانهه يا ماني جي دعوت ڏيڻ گهرجي ها،عمر دراز گوندل چيو ته سهيل آفريدي جي لاهور دوري سان پنجاب حڪومت پريشان نظر آئي
پنجاب ۾ سهيل آفريدي ۽ سندس ٽيم سان بدتميزي ڪئي وئي
اسلام آباد(بيورو)خيبرپختونخواهه جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي جي پنجاب دوري دوران پيدا ڪيل رڪاوٽن تي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي ترجمان اخونزاده حسين احمد يوسفزئي چيو آهي ته صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ ساڻس گڏ وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن سان، چڪري کان وٺي پنجاب اسيمبلي تائين پنجاب پوليس بدتميزي ڪئي ۽ غير انساني شڪ شبها ظاهر ڪيا. ان کان علاوه نام نهاد ٽائوٽ صحافين انتهائي گهٽيا سوال پڇيا، جن جو مقصد انهن کي ذليل ڪرڻ هو. جڏهن ان سڀني حرڪتن سان به دل نه ڀريو ته لبرٽي چوڪ ۾ پوليس جي غنڊن کي حملي لاءِ موڪليو ويو.پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اهي حربا اسان جو ته ڪجهه به نه بگاڙي سگهيا، پر انهن جي خوف ۽ گهٻراهٽ کي چڱيءَ ريت ظاهر ڪري ڇڏيو. اسان هرگز اهو نٿا سمجهون ته اهڙن روين جو پنجاب جي غريب محنت ڪش عوام سان ڪو واسطو آهي، بلڪه اهي شڪست خورده ۽ پست ذهنيت جي عڪاسي ڪن ٿا، جنهن کي 8 فيبروري 2024ع تي عوام جي خاموش انقلاب تاريخ جي ڪچري دان ۾ اڇلائي ڇڏيو هو
ڪي پي جي وزيرن جي زبان مان سندن تربيت ظاهر ٿئي ٿي:عظميٰ بخاري
لاهور (بيورو) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي وزيرن پاران استعمال ڪيل بدزباني تي افسوس آهي، جڏهن ته سندن خراب روين کي پنجاب حڪومت وڏي صبر سان برداشت ڪيو آهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته وزيراعليٰ مريم نواز شريف مخالفن جي هرو ڀرو تنقيد جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ پنجاب جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، ڪي پي جو وڏو وير پنجاب جو مهمان آهي، پر پنجاب اسيمبلي ۾ هنگامي صورتحال دوران سندس رويو ۽ لفظن جي چونڊ افسوسناڪ هئي، جنهن تي صرف افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، عظميٰ بخاري موجب خيبرپختونخوا جي وزيرن کي پنهنجي زبان تي ضابطو رکڻ گهرجي، ڇو ته سندن ڳالهين مان سندن تربيت ظاهر ٿئي ٿي، جيڪي پنهنجي دور ۾ تربيت هيٺ رهيا، انهن کي به صفائي جهڙي اهم ڪم تي اعتراض آهي، جڏهن ته پنجاب حڪومت جو ظرف آهي جو اهڙن روين کي به برداشت ڪيو ويو آهي، پنجاب ۾ امن امان جي صورتحال اطمينان جوڳي آهي، سيڪيورٽي لاءِ ڊرونز خريد ڪيا ويا آهن ۽ جديد ڊجيٽل سسٽم لڳايا ويا آهن.
پاڪستاني سياست وري 90 جي ڏهاڪي ڏانهن موٽي آئي؟
لاهور (عمران شفقت) ڪجهه بدقسمت واقعا اهڙا پيش آيا، جيڪي هرگز نه ٿيڻ گهرجن ها. موجوده صورتحال مان اهو تاثر ملي ٿو ته پاڪستان جي سياست ۽ اقتداري سياست ٻيهر 1980 ۽ 1990ع واري ڏهاڪي ڏانهن موٽي وئي آهي، جتي هڪ ٻئي تي الزام تراشي ۽ لفظي حملا معمول بڻيل هئا. ڪالهه پنجاب اسيمبلي اندر ڪجهه واقعا ٿيا، جتي ڪجهه سوال پڇيا ويا ۽ انهن جا جواب به ساڳئي سطح جا غير مناسب ۽ سخت لهجي وارا هئا. ڪجهه حلقا ان ڳالهه جو دفاع ڪري رهيا آهن ته سوال اهو ڪيو ويو هو ته هڪ سياسي اڳواڻ تي پنجاب ۾ منشيات آڻڻ جو الزام آهي. ان پسمنظر ۾ عظميٰ بخاري ۽ سندس پارٽي جي رويي تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جهڙين پارٽين جمهوريت جي ميثاق تي صحيون ڪيون هيون، تنهنڪري انهن کان وڌيڪ ذميوار ۽ مهذب لهجي جي اميد ڪئي ويندي آهي. اهڙي زبان ۽ انداز اختيار ڪرڻ مناسب نه هو. ساڳئي وقت اهو به چيو پيو وڃي ته ردعمل طور به سخت بدتميزي ڪئي وئي، جنهن سان سياسي ماحول وڌيڪ خراب ٿيو. مجموعي طور تي سرگرمين مان جيڪو تاثر سامهون آيو آهي، اهو ٻه اهم ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو. پهرين ته ملڪ جي سياست ٻيهر 1990ع واري انداز ۾ داخل ٿيندي نظر اچي رهي آهي. ٻي ڳالهه اها ته پاڪستان تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل حلقن کي شايد هاڻي به اهو احساس ناهي ته حالتون هاڻي اڳ وانگر ناهن رهيون، ۽ ممڪن آهي ته معاملا سندن هٿن مان نڪري چڪا هجن. هي صورتحال سياسي سنجيدگي، برداشت ۽ ذميوار روين جي کوٽ کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن سبب سياسي نظام ۾ ڇڪتاڻ وڌندي پئي وڃي ۽ عوام ۾ منفي تاثر مضبوط ٿي رهيو آهي.