شادي جي خوشي ماتم ۾ تبديل، هوائي فائرنگ ۾ گهوٽ مارجي ويو

خيبر (ويب ڊيسڪ) خيبر ضلعي جي جمرود جي علائقي سور ڪمر ۾ شادي تقريب دوران هوائي فائرنگ ۾ گهوٽ مارجي ويو.
شادي جي خوشي ان وقت ماتم ۾ تبديل ٿي وئي، جڏهن هوائي فائرنگ ۾ گهوٽ مارجي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي پڻ ٿيا.
شادي جي تقريب ۾ روايتي هوائي فائرنگ جاري هئي ته ان دوران فائر ڪيل هڪ گولي گهوٽ اسد کي لڳي، جنهن ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو.
فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا زخمي به ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي فائرنگ ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.