جن ماڻھن جا مقصد وڏا ۽ معني خيز ھوندا آھن، انھن لاءِ موت ڪا معني ناھي رکندو، مقصد سان مخلصي ئي ماڻھن ۾ موت جي خوف جو خاتمو آڻي ڇڏيندي آھي. زندگي جي ھر ميدان ۾ ھميشه اھي ماڻھو ئي سوڀارا ٿيندا رھيا آھن، جن خود کي ڪڏھن به ڪنھن خوف جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو، ڇو ته خوف انسان کي خطرناڪ حد تائين ناڪام بڻائي ڇڏيندو آھي ۽ ڪامياب زندگي لاءِ خوف جو خون ڪرڻ ضروري ھجي ٿو. بزدل دشمن جو سڀ کان اھم ۽ ڪامياب ھٿيار خوف ۽ لالچ ئي رھيو آھي.
انساني ارتقا کان وٺي ھِن وقت تائين ھڪ مخصوص طبقو ان ھٿيار جو بي رحمي سان استعمال ڪندو پئي آيو آھي ۽ ان ھٿيار جي زور تي سوين صدين کان ڪروڙين ماڻھن مٿان پنھنجو راڄ دٻدٻو ۽ شھنشاھيت قائم ڪيون ويٺا آھن. خوف انسان جي سڀ کان وڏي نفسياتي ڪمزوري آھي، بلڪل ايئن ئي جيئن ڪنھن طاقتور جانور جي نڪ ۾ وڌل ناڪيلي جا کيس ايڏو ته ھيڻو ۽ لاچار ڪري وجھندي آھي جو جيڪڏھن اھا رسي ڪنھن ٻليءَ جي پڇ ۾ به ٻڌي ڇڏجي ته اها ان جي پٺيان پٺيان ھلندي رھندي. نه فقط وقت جا جابر حڪمران ڦورو لٽيرا انساني آزادي ۽ خوشحالي خلاف خوف جو استعمال ڪيو. پر ان معاملي ۾ دنيا جا سمورا مذھب به ڪنھن طرح پوئتي بيٺل نظر نٿا اچن.
انسان بنيادي طرح بزدل ۽ لالچي آھي شايد اھو ئي سبب آھي جو مذھبن انسان جي اصلاح لاءِ خوف ۽ لالچ جو سھارو ورتو آھي. دشمن جي ان موثر ھٿيار کي غير موثر ۽ ناڪاره ڪرڻ جو فقط جيڪو واحد رستو آھي، سو آھي ماڻھن جو بي خوف ٿي وڃڻ ۽ بي خوف ٿي وڃڻ سان ئي دشمن جو سک ڦٽي ويندو آھي ۽ سندن ننڊون حرام ٿيون وڃن. جڏھن ماڻھو بيخوف بڻجي اٿي کڙا ٿيندا آھن تڏھن سندن منزل ويجھي ۽ مقصد پورا ٿين لڳندا آھن ۽ ايئن ئي سالن کان مٿن ڇانيل ظلم ڏاڍ جبر ۽ غلامي جي اونداه ڪاري ھٽڻ لڳندي آھي ۽ نئين صبح جو آغاز ٿيندو آھي، جا سندن بھتر مستقبل ۽ روشن آئيندي جي شروعات ثابت ٿيندي آھي.
انساني آجپي ۽ خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ عظيم ماڻھو جن جي ڪردار ۽ سندن جھدوجھد کي ڪنھن به طرح فراموش ڪري نٿو سگھجي ۽ جن ماڻھن لاءِ تاريخ جي ھٿن ۾ گلن جا ھار کنيل نظر ايندا آھن انھن ۾ محترمه بينظير ڀٽو شھيد به ھڪ آھي، مشرف دور ۾ پھريون ڀيرو پاڪستان ۾ خودڪش حملا متعارف ڪرايا ويا، ته جيئن محترمه بينظير ڀٽو کي خوفزده ڪري کيس ڪنھن طرح پاڪستان اچڻ نه ڏجي ۽ سندس سياسي رستا روڪ ڪري سگھجي، ڇو ته تنھن وقت ملڪ ۾ مارشلائي صورتحال ھئي ۽ ملڪ ۾ جمھوريت جو حال موجوده نالي ماتر جمھوريت کان به بدتر ھو، ۽ محترمه خود ساخته جلاوطني اختيار ڪري چڪي ھئي، جا ھن ختم ڪري وطن واپس اچڻ ٿي چاھيو. ان معاملي ۾ مختلف حربا ھلايا ويا. مٿس خودڪش حملو ٿيڻ جو امڪان ظاھر ڪري کيس ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڇو ته تڏھن دھشتگردن ڪجهه سياسي جلسن ۾ پڻ خودڪش حملا ڪري ڪيترن ئي انساني جانين جو نقصان ڪري چڪا ھئا.
توڙي جو سندس ڏيهه واپسي ھڪ ڊيل جو نتيجو ھو، پارلياماني سياست ۾ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏھن ڪڏھن سياسي اڳواڻن کي پنھنجي منشور خلاف بيان ڏيڻ ۽ عوامي توقع جي ابتڙ ڊيل وغيره به ڪرڻي پئجي ويندي آھي. پر ماضي ۾ ٿيل پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ سمورن سمجھوتن مان ھي ڊيل ڪجهه مختلف ۽ الڳ نوعيت جي ھئي، آمر مشرف جيڪو نواز شريف جي چونڊيل حڪومت تي راتاھو ھڻي اقتدار تي قبضو ڪري ويٺو ھو، ھن نٿي چاھيو ته بينظير ڀٽو پاڪستان جي ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿئي، ان جا پڻ ڪجهه ڪارڻ آھن، ھڪ ته ھن وردي لاھڻ نٿي چاھي جا سندس طاقت ۽ اقتدار جي ضمانت ھئي ۽ بغير وردي جي ھن محترمه تي اعتماد نه ٿي ڪيو ۽ محترمه وري کيس وردي ۾ صدر قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئي، جڏھن ته محترمه وردي لاھڻ لاءِ مٿس عالمي دٻاءُ وجھرايو ۽ سياسي جدوجھد ڪري کيس وردي لاھڻ تي مجبور ڪري وڌو. ٻيو ھن اسلامي رياستن ۽ طاقتن جھڙوڪ سعودي عرب طالبان ۽ پاڪستان جي مذھبي ڌرين کي وڌيڪ ناراض ڪرڻ جي حق ۾ نه ھو، جيڪي مٿس لال مسجد واري واقعي سبب اڳ ۾ ئي ڪاوڙيل ھا. جيڪي ڪنھن عورت جو وزيراعظم بڻجڻ جا مخالف ھئا ۽ آھن، ۽ ان خلاف فتوائون پڻ جاري ڪري چڪا ھا. لال مسجد واقعو، اڪبر بگٽي جو قتل، ججن جي معزولي واري عمل جي ردعمل ۾ پئدا ٿيل وڪيلن جي تحريڪ جو زور وٺي وڃڻ، نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو ۾ جمھوريت جي بحالي لاءِ گڏيل طور سياسي جدوجھد ڪرڻ تي اتفاق جنھن کي "ميثاق جمھوريت” جو نالو ڏنو ويو ھو، نه رڳو ھڪ ڊڪٽيٽر پر ھن رياست جا پڻ بڻ بنياد لوڏي ڇڏيا ۽ مشرف پ پ سان ڊيل ڪرڻ تي آمادگي ظاھر ڪئي، جنھن محترمه کان سواءِ پ پ جي ڪنھن به اڳواڻ کي بطور وزيراعظم قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو.
بينظير ڀٽو وطن واپس نه ورڻ واري مشرف جي مشوري کي ھڪ ته ان لاءِ نظرانداز ڪيو، جو ھن بخوبي ڄاتو ٿي ته سندن مرضي ۽ منشا کان سواءِ ھِن ملڪ ۾ ڪو ڪَک ۽ پن به چري نٿو سگھي، ان لاءِ جيڪڏھن مون تي ڪو حملو ٿيو ته ان جو ذميدار ڪو ٻيو نه پر مشرف ئي ھوندو ۽ ان اھڙو اظھار پنھنجي غير ملڪي دوستن کي ڪيل ھڪ اي ميل ۾ پڻ ڪيو ھو. ۽ ٻيو ته ملڪ ۾ مارشلائي صورتحال ۽ نام نھاد جمھوريت سبب ھر طرف مايوسي واري لھر پکڙجي چڪي ھئي، مھنگائي بيروزگاري لاقانونيت ۽ اٽي جي ھٿرادو کوٽ غريب ماڻھن جا ٽين ئي کڙڪائي ڇڏيا ۽ ملڪ جي عوام جون سڀ اميدون محترمه سان ئي وابسته ٿي ويون ۽ ھو اھو سمجھڻ ۽ سوچڻ لڳو ته بينظير ئي پنھنجي سياسي بصيرت سان ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگھي ٿي، جيڪو ڏانھنس پراميد نظرون کڻي واجھائڻ لڳو.
اھڙي حالتن ۾ عوام دوست سياستدان ڀلا ڪيئن خاموش رھي تماشائي بڻجي سگھي ٿو؟ پوءِ ڀل کيس جان جو خطرو ئي ڇو نه ھجي. انھن سمورن قوتن ۽ خطرن کان خوف کائڻ بدران محترمه پاڪستان واپس اچڻ جو حتمي فيصلو ڪيو، ۽ سندس جھاز 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪئي. ۽ جيالن سوڌو ملڪ جي عام ماڻھن سندس شاندار ۽ تاريخي استقبال ڪيو. جيڪو ڏسي ڊڪٽيٽر جون وايون بتال ٿي ويو ۽ سندس قافلي تي ڪارساز وٽ ھڪ منظم پلاننگ تحت ڪنھن سياسي اڳواڻ جي ڪاروان تي ملڪي تاريخ جو پھريون سڀ کان وڏو ۽ خطرناڪ خودڪش حملو ڪرايو ويو، جنھن ۾ خوشقسمتي سان ته بينظير ڀٽو معجزاتي طور محفوظ رھي، پر اٽڪل پوڻا ٻئه سئو ماڻھو شھيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا ھا. ان حملي جي ماسٽر مائيڊن اھو ضرور سوچيو ھوندو ته ھاڻ خوف مان محترمه ڳڙھي خدا بخش يا بلاول ھائوس جي چوديواري کان ٻاھر پير به نه رکي سگھندي ۽ ايئن اھي پنھنجي من پسند ماڻھن ۽ سندن پارٽي کي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرائي اڳتي آڻيندا پر جڏھن ٻئي ڏينھن ڪراچي جي سنسان ۽ سوڳ ۾ ورتل روڊن تي محترمه کي بغير ڪنھن پروٽوڪول جي ڪار ڊوڙائيندي ڏٺائون ته کين پنھنجون سموريون تدبيرون ابتيون ٿيندي نظر آيون.
بينظير ڀٽو نه رڳو شھيد ڪارڪنن جي گھرن ۾ وڃي سندن وارثن سان تعزيتون پئي ڪيون پر هُوءَ بي خوف بڻجي اليڪشن مھم به ھلائيندي رھي، ڇو ته سندس ان ڳالهه ۾ پڪو ويساه ھو ته جيڪا رات قبر ۾ لکيل ھوندي آھي، سا ماڻھو ڪڏھن به دنيا تي گذاري نٿو سگھي. جيولس فيوچڪ ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته بزدل ماڻھو زندگي کان گھڻو ڪجهه وڃائي ويھي ٿو، حقيقت ۾ ھونئن به بزدلي ماڻھو جو ڪو به بچاءُ ڪري نٿي سگھي، موت کان محفوظ ته ٻرن ۾ رھندڙ ماڪوڙا به ناھن ھوندا، تان جو 27 ڊسمبر 2007ع تي لياقت باغ راولپنڊي ۾ خودڪش بم ڌماڪي ۽ بندوق جا فائر ڪري بينظير ڀٽو کي شھيد ڪرڻ ڪوشش ڪرڻ وارا پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ ملڪ جي پيڙھيل مظلوم طبقي جي ھر ماڻھو جي دل ۾ تڏو وڇائجي ويو ۽ سندن اميدون حسرتون يتيم بڻجي رھجي ويون،سندن دلين جو اھو اونھو گھاءُ اڄ ڏينھن تائين ڀرجي ناھي سگھيو ۽ شايد ڪڏھن به نه ڀرجي سگھي، ڇاڪاڻ ته موجوده وقت ۾ محترمه بينظير ڀٽو جهڙو قدآور ڪو به سياس اڳواڻ نظر نٿو اچي.