ميسوپوٽيميا جا خشڪ ٿيندڙ درياهه

نصير ميمڻ

پاڻيءَ جي بحران ۾ ورتل ايران سان سرحد لڳندڙ عراق هن وقت پنهنجي تازي تاريخ جي بدترين ڏڪار کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڇو ته 2025ع کي 1933ع کان پوءِ سڀ کان سڪو سال قرار ڏنو ويو آهي. دجله ۽ فرات درياهه، جيڪي ميسوپوٽيميا جي تهذيب جا گهوڙا (پنگهڙا) سڏجن ٿا، اڄ پاڻيءَ لاءِ سڪندي نظر اچن ٿا. ڪي علائقا اهڙا آهن جتي وهڪرو ٽيون حصو گهٽجي ويو آهي. پاڻي گهٽ هئڻ سبب گدلاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته گدلاڻ کي گهٽائڻ لاءِ گهربل وهڪرو موجود ناهي. ترڪيءَ پاران مٿئين وهڪري تي بندن جي اڏاوت، موسمي تبديلي، ڏڪار ۽ آلودگي انهن درياهن کان سندن پراڻي شان کسيو آهي.

ترڪيءَ مان نڪرندڙ اهي ٻئي درياهه اوڀر اناطوليه، شام ۽ عراق مان وهي آخرڪار خليج ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. هنن درياهن علائقي جي 60 ملين کان وڌيڪ ماڻهن جي سماج، معيشت، سياست ۽ گذر سفر کي شڪل ڏني آهي. پر هاڻي اهي درياهه مٿئين وهڪري تي ٺاهيل بندن جي زنجير ۾ جڪڙيل آهن. ترڪيءَ جي هائيڊل توانائيءَ جي بک پنهنجي سرحدن اندر وڏي مقدار ۾ پاڻي موڙي ڇڏيو آهي. تازو ترڪيءَ پاران دجله تي تعمير ڪيل اليسو ڊيم عراق ۽ شام سان علائقائي تڪرار کي جنم ڏنو آهي. هن بند جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت 8.4 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. اهو ترڪيءَ جي ”ڏکڻ اوڀر اناطوليه منصوبي“ تحت ٺهندڙ 22 بندن ۽ 19 هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور پلانٽن مان هڪ آهي. ايران به دجله جي ڪجهه شاخن تي، جيڪي سندس سرحدن اندر آهن، بند تعمير ڪيا آهن. هنن بندن جي قطار سبب 1960ع واري ڏهاڪي کان وٺي عراق کي انهن ٻنهي درياهن مان ملندڙ پاڻي 80 سيڪڙو تائين گهٽجي ويو آهي. دجله ۾ مٺو پاڻي گهٽجڻ سان سندس ڊيلٽا خليج مان ايندڙ سامونڊي پاڻيءَ جي چاڙهه جو شڪار ٿي رهي آهي.

موسمي تبديلي دجله ۽ فرات تي دٻاءَ کي وڌيڪ وڌائي رهي آهي. هن حوض ۾ گرمي پد عالمي سراسري کان ٻه ڀيرا وڌيڪ وڌي ٿو، جنهن ڪري هي علائقو انتهائي حساس پاڻيءَ وارن نظامن مان هڪ بڻجي ويو آهي. 2020ع ۽ 2021ع ۾ هتي گذريل چئن ڏهاڪن جا ٻيا سڀ کان سڪا موسم ڏٺا ويا. صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين پاڻيءَ جي دستيابيءَ بابت اڳڪٿيون انتهائي ڳڻتيءَ جوڳيون آهن، ڇو ته اندازو آهي ته فرات ۽ دجله جو وهڪرو ترتيبوار 30 سيڪڙو ۽ 60 سيڪڙو گهٽجي ويندو. جنگن سان ٿڪيل عراق 2022ع ۾ ڏڪار سبب ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي. شام ۾ به 2022ع دوران ڪڻڪ جي پيداوار ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿي، جتي پيداوار 2020ع جي 2.8 ملين ٽنن جي ڀيٽ ۾ صرف هڪ ملين ٽن رهي. جيئن جيئن ڏڪار وڌندو پيو وڃي، عراق جي پاڻي وسيلن واري وزارت هڪ خوفناڪ خبردار جاري ڪيو آهي ته 2040ع تائين فرات مڪمل سڪي سگهي ٿو. عراق خبردار ڪيو آهي ته فرات 2040ع تائين سڪي سگهي ٿو. عراق ۽ شام وٽ ڪڏهن جديد ترين پاڻيءَ جو ڍانچو موجود هو، پر علائقو جڏهن افراتفريءَ جو شڪار ٿيو ته اهو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو. 1991ع ۾ آپريشن ڊيزرٽ اسٽورم عراق لاءِ تباهه ڪن نتيجا کڻي آيو. آمريڪا نيڪال (سيوريج) صاف ڪرڻ وارن پلانٽن تي حملا ڪيا ۽ اهم پاڻيءَ جو ڍانچو تباهه ڪري ڇڏيو. عراق جي مضبوط معيشت زوال پذير ٿي وئي، جنهن سبب حڪومت وٽ تباهه ٿيل صفائي نظام جي مرمت جي سگهه نه رهي، ۽ نيڪال جو گندو پاڻي وهڪرن کي آلوده ڪندو رهيو. 2018ع ۾ بصره ۾ 118 هزار مريض گندو پاڻي پيئڻ سبب اسپتالن ۾ داخل ٿيا.

عراق ۽ شام پنهنجي هائيڊرو جغرافيائي صورتحال جا “قيدي” آهن، ڇو ته ٻنهي درياهن جو مٿيون وهڪرو ترڪيءَ جي ڪنٽرول ۾ آهي. هي ٻئي هيٺئين وهڪري وارا ملڪ پنهنجي حالت جو ذميوار ترڪيءَ کي سمجهن ٿا، جيڪو پنهنجي بندن مان مناسب مقدار ۾ پاڻي ڇڏڻ کان ڪيٻائي ٿو. درياهن ڪناري آباد شهر ۽ ڳوٺ شديد پاڻيءَ جي کوٽ ۽ راشننگ کي منهن ڏئي رهيا آهن. زراعت ۽ مڇي گيري، جيڪي گذر سفر جا ذريعا هئا، ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن. ماڻهو پيئڻ جو پاڻي آڻڻ لاءِ ميلن جا ميل پنڌ ڪن ٿا. موسمي تبديلي صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي، ڇو ته عراق ۾ وسڪاري ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، جڏهن ته پاڻيءَ جي طلب لڳاتار وڌي رهي آهي.

تازو بغداد ۽ انقره پاڻيءَ جي انتظام بابت هڪ ميڪانيزم تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن ۾ آلودگي روڪڻ، جديد آبپاشي ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ، زرعي زمين بحال ڪرڻ ۽ پاڻيءَ جي حڪمراني بهتر بڻائڻ شامل آهي. هن معاهدي کي “تيل عيوض پاڻي” وارو ٺاهه چيو وڃي ٿو، جنهن تحت ترڪي ڪمپنين کي عراقي تيل مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ عيوض اهم پاڻيءَ جو ڍانچو تعمير ڪرڻو آهي. بهرحال، شڪي حلقن هن ٺاهه کي رد ڪندي چيو آهي ته ٻئي حڪومتون اهم تفصيل لڪائي رهيون آهن. عراق ۽ شام ترڪيءَ تي پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو الزام هڻن ٿا. هن پيچيده صورتحال سڀني ڪناري وارن ملڪن عراق، ايران، ترڪي، شام ۽ شايد سعودي عرب ۽ اردن (جيڪي فرات جي پاڻيءَ ۾ ننڍا حصيدار آهن) وچ  گهڻ طرفي پاڻيءَ جي معاهدي جي گهرج کي جنم ڏنو آهي.

عراق ۽ شام جي حالت گڏيل درياهن تي هيٺئين وهڪري وارن ملڪن جي روايتي نقصان جو درسي مثال آهي. اسان جي علائقي جو منظرنامو به گهڻو مختلف ناهي. جيئن پاڪستان ٽن اوڀرئين درياهن تي ڀارتي بالادستيءَ سان جهيڙيندو پيو اچي، تيئن پنهنجي اندروني درياهن بابت صوبائي اختلاف به سياسي هم آهنگيءَ کي آزمائي رهيا آهن. آباديءَ ۾ تيزي سان واڌ، ڪمزور پاڻي حڪمراني، نون بندن بابت تڪرار، پراڻو ڍانچو، فرسوده آبپاشي طريقا، بي رحماڻِي آلودگي، بگڙيل مارڪيٽون، ماحولياتي طور تباهه ٿيل ڊيلٽا، ڪمزور ادارا ۽ سرحد پار تڪرار اهي سڀ عنصر عراق ۽ شام جي صورتحال سان گهڻي حد تائين مشابهت رکن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.