شاهرائن ۽ روڊن رستن تي ٽريفڪ جام ۾ ڦاٿل عوام کي سفري تڪليف کان بچائڻ جي ضرورت

اسان جي ملڪ اندر عوام کي روز جيڪي سرعام تڪليفون پيش اينديون آهن سي اوتريون ميڊيا تي رپورٽ ناهن ٿينديون،ا نهيءَ جو شايد سبب اهو آهي ته عوامي سطح تي اهو تاثر عام ۽ پختو ٿي ويو آهي ته دانهون ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي. اها به المياتي صورتحال آهي ته عوام ئي پنهنجا مسئلا رپورٽ نٿو ڪري. البته سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ ان ڏس ۾ صورتحال ڪجهه بهتر ٿيڻ لڳي آهي ۽ هاڻي عوام اتي ڪافي حد تائين پنهنجا مسئلا رکي ٿو. مثال طور جيڪڏهن ڪير سپر هاءِ هاءِ وي تان گذر ڪري ٿو ۽ اتي شديد قسم جي ٽريفڪ جام ڏسي ٿو ته اهو فوري طور تي سوشل ميڊيا تي رکي ٿو جنهن جو فائدو اهو ٿيندو آهي ته نه رڳو واسطيدار اختيارين کي خبر پئجي وڃي ٿي پر  ان شاهراهه تان سفر ڪندڙ ٻين مسافرن کي به اپ ڊيٽ ملي ويندو آهي. البت ڪهڙي معاملي جي ڪري ٽريفڪ جام ٿيندي آهي سو مسئلو وري واسطيدار اختيارين کي ٻڌائڻ جو ايئن ئي فوري انتظام ڪرڻ گهرجي يعني سوشل ميڊيا تي رکڻ گهرجي ته ڦلاڻي احتجاج، حادثي وغيره جي ڪري سپر هاءِ وي تي ٽريفڪ جام آهي.

پهرين ڳالهه ته حڪومتي، انتظامي ۽ عوامي سطح تي هر ڪنهن کي ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻ گهرجي ته ڪنهن به واقعي، حادثي يا احتجاج سبب شاهرائن ۽ روڊن کي بلاڪ ڪري بي گناهه عوام کي سفر ۾ تڪليف نه ڏيڻ گهرجي. ان معاملي ۾ پهريون فرض حڪومت ۽ مقامي انتظاميا جو آهي اهي اهڙو بندوبست ڪن يا اهڙي هنگامي بنياد تي ڪارروائي ڪن ته جيئن عوام کي شاهرائن، روڊن رستن تان سفر ڪندي ڪا تڪليف نه رسي. ان معاملي ۾ خاص ڪري عوام کي به هڪٻئي سان تعاون ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي تڪليف جي سزا ٻين کي نه ڏجي. ايئن سياسي سماجي تنظيمن کي به گهرجي ته اهي احتجاج طور وڏين شاهرائن ۽ روڊن رستن کي بلاڪ نه ڪن پر انهن شاهرائن ۽ روڊن رستن جي فٽ پاٿن يا پاسن تي بيهي پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪن. اخلاقيات جي ته اها ئي تقاضا آهي پر هتي تصور اهو هوندو آهي ته شاهرائون ۽ روڊ رستا بلاڪ ڪبا ۽ عوام کي تڪليف رسندي ته تڏهن ئي حڪومت يا مقامي انتظاميا نوٽيس وٺندي. ٿيندو برابر پوءِ ايئن ئي آهي پر اهو به پنجن ڇهن ڪلاڪن کان پوءِ ئي ٿيندو آهي تيستائين ٻيا مسافر جيڪي انهن شاهرائن، روڊن رستن تان سفر ڪندا آهن تن لاءِ  اهي ڪلاڪ ناقابل برداشت ۽ وڏي عذاب ۾ گذرندا آهن جنهن جو احساس ڪنهن کي به ناهي ٿيندو. احتجاج ڪندڙ ته شاهرائون، روڊ رستا بلاڪ ڪري انتظاميا جوڌيان ڇڪائي ويندا آهن پر ان سان ٻين ماڻهن کي جيڪا تڪليف رسندي آاهي سا ناقابل بيان آهي. ماڻهو ٻارين ٻچين بسن، ڪارن ۾  وچ روڊ تي ڦاٿل هوندا آهن ۽ جتي عوام ٽريفڪ جام سبب ڦاٿل هوندو آهي ته اتي ڦورن کي به کين ڦرڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. وچ روڊ تي ٽريفڪ   ۾ ڦاٿل ماڻهن مان ڪنهن جي اوچتو طبيعت خراب ٿي  وڃي ته اتان نڪرڻ جو ڪو آسرو ناهي هوندو جيستائين وڃي اهو روڊ يا شاهراهه کلي.

اسان جو خيال آهي ته موجود دور ۾ جيئن ته ٽريفڪ جام جو اهو مسئلو اهو روز جو معمول بڻجي ويو آهي، ڪونه ڪو روڊ يا شاهراهه ڪنهن به مسئلي وگهي اوهان کي ٽريفڪ جام طور ملندي ته ڇا حڪومت يا مقامي انتظاميا جو اهو ڪم ناهي ته اها عوام کي ان سفري تڪليف کان بچائڻ جو سوچي ۽ ڪو مستقل انتظام ڪري ته جيئن روڊن رستن ۽ شاهرائن تي ٽريفڪ جام ٿيڻ جو ڪو مسئلو نه رهي. هاڻي ته جديد دور ۾ وڏن روڊن، شاهرائن تي ڪئمرائون به لڳي ويون آهن جن مان پڻ فائدو وٺي سگهجي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته حڪمرانن انهن ڪئمرائن کي صرف ڪمائي جو ذريعو بڻائي رکيو آهي جنهن کي ”اي چالان“ چئجي ٿو، پر جيڪڏهن انهن لڳل ڪمئرائن مان ڏوهن جي وارداتن کي مانيٽر ڪجي ۽ جتي جتي ٽريفڪ ڪنهن به سبب ڪري جام آهي تنهن کي ڏسي ڪري روڊ ۽ شاهرائن کي کولڻ ۽ مسافرن کي ٽريفڪ جام جي آزار مان بچائڻ جو ڪم وٺجي ته اهو به جديد دور پٽاندڙ بهترين انداز ۾ ٿي سگهي ٿو. اهڙو بندوبست ظاهر آهي ته حڪومتون ئي ڪري سگهن ٿيون جن کي ان پاسي سوچڻ جي ضرورت آهي.

اهو هر ماڻهوءَ جو حق آهي ته اهو جنهن به سانگي اڪيلو، فيملي يا  دوستن سان ڪنهن سفر تي نڪري ٿو ته اهو بنا ڪنهن تڪليف جي سهولت سان پنهنجي منزل مقصود تي رسي ان کي سفر دوران ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿيڻ گهرجي. پر ڇا ڪجي جو هتي عوام کي ڪا اهميت ناهي ۽ نه ئي اهو حڪمرانن جي اولين ترجيح رهيو آهي باوجود ان جي ته موجوده حڪومتي نظام چونڊ جي عمل جو روح روان ئي عوام آهي. اهو عوام ئي آهي جيڪو سياستدانن کي ووٽ ڏئي چونڊي صوبائي ۽ قومي اسيمبلين  يا بلدياتي ادارن ۾ پهچائي ٿو. عوام جي ان چونڊ سان ئي حڪومتون، صدر، وزيراعظم، وڏا وزير، وزير ۽ ڪامورا حڪمران ۽ وڏا عملدار ٿين ٿا. تنهن ڪري ان عوام کي اصولي ۽ اخلاقي طور تي سڀ پروٽوڪول، مراعاتون، عياشيون حڪمرانن پاڻ لاءِ بڻائي رکيون آهن.

مٿي جو تاج بڻائڻ گهرجي پر هتي حڪمرانن جو اهو ئي بي حسي ۽ لاتعلقي وارو رويو هوندو آهي جنهن ڪري عوام جو چونڊن ۽ جمهوري نظام تان ارواح کڄندو وڃي ٿو، اسان پهريون به ڪيترائي ڀيرا لکيو آهي ته جمهوريت جو حقيقي ثمر اڃان عوام کي  ناهي مليو جنهن جو نقصان خود جمهوري نظام کي ٿي رهيو آهي. مقصد اهو آهي ته حڪمرانن کي عوام ووٽ ڏئي ان ڪري چونڊيندو آهي ته جيئن اهي حڪمران  عوام جو خادم بڻجي سندن خدمت ڪن جنهن جو واعدو ڪري اهي عوام کان ووٽ وٺندا آهن پر افسوس ته اهي چونڊيل نمائندا عوام جي خدمت گار بڻجڻ بدران سندن حاڪم بڻجي ويندا آهن، جنهن سبب حڪمران ته خوش ۽ عياشين جي زندگي گذاريندا آهن، روڊ رستا خالي ڪرائي وڏي پروٽوڪول سان سفر ڪندا آهن پر عوام کي ٽريفڪ جام جي عذاب ۾ بيهاري بددعائون وصول ڪندا آهن جنهن جو کين شايد  احساس ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.