عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ ڪير بينظير کان سکي

اشرف لاريب

چوندا آهن ته ذهانت اميري غريبي جي محتاج ناهي هوندي ،دنيا ۾ ڪيترائي  ذهين ترين انسان  پيدا ٿيندا رهيا آهن  اهي انسان ڪي محلن ۾ پيدا ٿيا ته ڪي جهوپڙين ۾ ته ڪي وري فٽ پاٿن تي به  زندگي  گهاري .انهن مان ڪن پنهنجي سوچ جي خوبصورتي سان دنيا وارن جي توجهه جا مرڪز رهيا ته ڪي وري انقلابي ڪمن سبب ماڻهن جي دلين تي راڄ  ڪيو.

اهڙن املهه انسانن مان اسان جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ هئي  جنهن جي سوچ ۾ صرف غريب عوام جو منشور هوندو هو جيڪو هن جي والد صاحب کان هن کي تربيت ۾ ۽ ورثي ۾ مليو هو بينظير صاحبه  جن جي شهيد ٿيڻ سان جهموريت اتي ختم نٿي ٿئي شهيد راڻي ويندي ويندي پاڪستاني عوام جي ذهنن  ۾ شعور جا ڏيئا روشن ڪري وئي هن عورتن کي اختيار ڏيارڻ لاءِ ڪيتريون ڪامياب پاليسيون  تيار  ڪري هلايون ،اڄ به پاڪستان ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو جو تيار ڪيل  منشور پاڪستان ۾ هلي ٿو نالا توڙي ٻيون سياسي پارٽيون ڪيترا به تبديل ڪن پر اڻ سڌي طرح اها پاليسي شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو صاحبه جون ئي تيار ڪيل آهن اهو ئي سبب آهي جو ڀٽو خاندان سان اڄ به عوام جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون . بينظير ڀٽو  جي سوچ پاڪستاني عوام ۾ هوندي هئي هن جي دل عوام سان گڏ ڌڙڪندي هئي ،اهو ئي سبب هو ته هو پنهنجي شهيد والد صاحب جي مشن کي کڻي پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال بنائڻ جا خواب ڏسندي هئي. هن جي ذهن ۾ پاڪستاني عوام هو  توڙي هو لنڊن يا دبئي ۾ رهي پر هن جي سوچ هن جا خيال پاڪستاني عوام غريب عوام ڏانهن هوندا هئا

سڀني عورتن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجندڙ شخصيت جو سري عام قتل اڃا تائين هڪ سوال بڻيل آهي. محترمه بينظير ڀٽو جو قتل  سمورين  باشعور با صلاحيت عورتن  جو قتل ٿيڻ جي برابر  آهي ،هوءِ نه صرف سمورين عورتن جي صلاحيتن کي  اجاگر ڪرڻ ۽ حق حاصل ڪرڻ جو آواز ڏياريندڙ  هئي پر هر گهر ۾ عورتن جي ذهني آزادي ۽ شعور جو  بينظير زنده مثال هئي  اسلامي دنيا جي پهرين  خاتون وزيراعظم طور اڀري ايندڙ شخصيت هئي  ،پاڪستاني سياست کي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائيندڙ اقوام متحده جهڙي عالمي اداري ۾ پاڪستاني قيادت کي پهچان ڏياريندڙ واحد خاتون وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبه هئي، هوءَ جڏهن به ڪنهن عالمي سطح تي ٿيندڙ سيمينار ۾ ايندي هئي ته پوري دنيا جا بادشاهه وزير حيرت سان  تڪيندا  هئا ،هن جي پيشاني تي خوش اخلاقي جو تاج چمڪندو هو ۽ چپن تي مسڪراهٽ هوندي هئي اهو ئي سبب هو جو هر غريب توڙي امير بادشاهه توڙي فقير جي نظر ۾ هر دل عزيز هئي.جڏهن به هوءِ غريبن جي جهوپڙي ۾ هلي ويندي هئي ته پٽ تي ويهي انهن سان رلي ملي ويندي هئي. هو پنهنجي اعلي مقصد ۾ هميشه مصروف رهندي هئي هوءِ چوندي هئي منافقت ۽ سازشن ۾ وقت ضايع ڪرڻ کان بهتر آهي ته قومي مقصد جي حصول لاءِ وقت کي بهتر استعمال ڪجي اهو ئي سبب هو جو هوءِ هر وقت جديد علم جي حصول لاءِ مطالعو ڪندي رهندي هئي جڏهن ڪنهن ڊگهي  سفر تي نڪرندي هئي  ته ساڻ قرآن پاڪ تسبيح ۽ معلوماتي ڪتاب کڻندي هئي ۽ سفر دوران مڪمل ڪتاب پڙهي  پورو ڪري ڇڏيندي هئي  ان مان صاف ظاهر آهي ته هو قرآن پاڪ مان دنياوي مسئلن جا روحاني حل ۽ ٻين معلوماتي ڪتابن  مان ملڪي ترقي جون نيون راهون تلاش ڪندي  هئي، هن جي شعوري اک ديرپا مسئلن جا حل ڳوليندي هئي  هن جي وسيع علمي ڄاڻ هئڻ جي ڪري هو پاڪستان جي ايرضي ۽ پاڪستاني عوام جي ضرورتن  کي نظر ۾ رکي حڪمت عملي جوڙيندي هئي.

محترمه بينظير صاحبه جن جي دور حڪومت ۾ هن ڪافي عوام دوست پروگرام جوڙيا جنهن ۾وومن پوليس اسٽيشن،عوامي مرڪز،يوٽيلٽي اسٽورز، سرڪاري اسپتالن ۾ مڊوائيف سروس،هيلٿ ورڪرز،پوليو ۽ ٻين وبائي بيمارين جي خلاف قومي مهم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي  غريبن لاءِ هائوسنگ اسڪيمون ٺاهيون، هن جي منشور ۾ عملي ڪم هوندو هو ۽ حقيقي عوامي خدمت ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي هئي ، تعليم جي مد ۾ ڪيترائي تعليمي منصوبا جوڙيائين اها ٻي ڳالهه آهي جو هن سان ڪم ڪندڙ اعليءٰ عملدار هن جي جوڙيل منصوبن سان انصاف ڪري نه سگهيا جنهن ڪري هن جون ڪيئي اسڪيمون هن جي ڪوششن جي باوجود صحيح طرح سان  هلي نه سگهيون ظاهري ڳالهه آهي هڪڙي سچي ۽ ايماندار ماڻهو  اڪيلي سر ٻيو ڪري به چا سگهي ٿو پر پوءِ به شهيد راڻي پنهنجي مقصد کان پوئتي نه هٽي .پنهنجي والد صاحب جي مشن کي ساهه جي آخري تند تائين نڀائيندي رهي  ،بينظير صاحبه هر وقت پاڪستان جي ترقي ۽ سر بلندي لاءِ سوچيندي رهندي هئي هو پنهنجو ذهني سک عوام سان گڏ رهڻ ۾ ڳولهندي هئي ان ڪري هن جي عوامي جلسن ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پوندو هو هر طرف جيئي ڀٽو جيئي ڀٽو جا نعرا گوجندا هئا حقيقت ۾ اهي نعرا نه پر عوام جو بيحد پيار هن سان گڏ هوندو هو ،

اها مڃيل حقيقت آهي ته جيڪي حڪمران عوام سان گڏ ويجهو هوندا آهن انهن جي جنت عوام جي وچ ۾ هوندي آهي ان ڪري شهيد ذوالفقار ڀٽو جي نياڻي اهو سچ چئي وئي آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي.ڇاڪاڻ ته هو ءِ پنهنجي منزل عوام ۾  تلاش ڪري وئي  ۽ ٻين کي اهو ڏس ڏئي وئي ته جهموريت جو اصل رستو عوام ڏانهن آهي

شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي ڇڏيل سياست وارو ڪردار پاڪستان جي موجوده سياسي اڳواڻن لاءِ هڪ رهنمائي آهي ،بينظير صاحبه جا لکيل ڪتاب ،تقريرون سياست ۾ قدم رکندڙ ساٿين لاءِ هڪ رهنمائي آهن  …… شهيد بينظير پنهنجي عظيم ڪردار سان هميشه زنده رهندي.بينظير ڀٽو سڀني عورتن لاءِ اتساهه بڻيل هئي خاص ڪري سنڌ جي نياڻين لاءِ همت ۽ بهادري جو عظيم مثال هئي ،شهيد راڻي جو قتل هڪ عورت جو نه پر سموري باصلاحيت عورتن جو قتل هو ان ڪري اڄ به پاڪستان ۾ رهندڙ سامراج جڏهن به ڪنهن با صلاحيت عورت کي غير معمولي ڪم ڪندي ڏسندا آهن ته بندوقن جا منهن کولي ڇڏيندا آهن ڪڏهن ڪاري ڪري ماري ڇڏيندا آهن ته ڪڏهن ڪنهن عورت جون  گهڻيون صلاحيتون ڏسي  ان کي ڪو ڪڌو الزام هڻي ملڪ در بدر ڪري يا ماري ڇڏيندا آهنبينظير ڀٽو صاحبه جو قتل به هڪ با صلاحيت عورت جو قتل هو ،پر هن جي قتل ڪرڻ سان هو ماري ڪونه وئي آهي پر هن جو ڪردار ۽ صلاحيت دشمن توڙي سامراجي قوتن  آڏو هنن جي سوچ ۾آهي  هن جو ڪردار هڪ وجود  وانگر هميشه  زندهه رهندو !

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.