ڌاڙيل سرينڊر ڪن يا انجام تائين پهچن

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ پوليس ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف ‘زيرو ٽالرنس’ پاليسي جي تحت شاندار ۽ فيصلائتيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هاڻي ڌاڙيلن وٽ صرف ٻه رستا آهن: يا ته هو سرينڊر ڪن يا پنهنجي انجام تائين پهچن. سنڌ جي گهرو وزير سکر زون پوليس پاران ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪامياب آپريشنز بابت سينٽرل پوليس آفيس (CPO) ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته 15 ڊسمبر تي گھوٽڪي جي بارڊر ايريا ۾ صادق آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ ڪوچ جي 14 مسافرن کي اغوا ڪيو ويو هو، سنڌ پوليس رينجرز ۽ پنجاب حڪومت جي مڪمل سهڪار سان گڏيل آپريشن شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ تمام مسافرن کي باحفاظت بازياب ڪرايو ويو. هن  چيو ته آپريشن دوران ڌاڙيلن جي خفيه ٺڪاڻن کي ختم ڪيو ويو، ڪيترائي خطرناڪ ڌاڙيل ماريا ويا جن ۾ ڇلو بکراڻي شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪچي مان ‘نو گو ايرياز’ جو خاتمو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي آفيسر ماضي وانگر انتظار نٿا ڪن پر فوري ڪارروائي ڪن ٿا. هن واضح ڪيو ته ڌاڙيلن کي ڪڏهن به سياسي پٺڀرائي حاصل ناهي رهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ هوندي. ڪراچي ۾ ڀتي خوري بابت ڳالهائيندي هن چيو ته وصي الله لاکو، جميل ڇانگو، بهادر PMT ۽ گل شير جاگيراڻي سميت پنج وڏا نيٽ ورڪ سرگرم هئا، جيڪي ملڪ کان ٻاهر آپريٽ ٿي رهيا آهن. SIU جي ڪاررواين ۾ 32 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن، جن مان 7-زخمي ٿيا،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.