اسلام آباد (حماد حسن) تيرا ۾ 24 رڪني جرگي جو ضلعي انتظاميا سان 27 نقطن تي اتفاق ٿيو آهي. تيرا مان لڏپلاڻ شروع ٿي چڪي آهي، شديد سردي ۾ ماڻهو پنهنجو سامان کڻي وڃي رهيا آهن. معاهدي موجب هر خاندان کي اپريل تائين 50 هزار رپيا، مڪمل طور تباهه ٿيل گهر لاءِ 30 لک رپيا، جزوي نقصان لاءِ 10 لک رپيا ۽ ٽرانسپورٽ جو خرچ حڪومت ڏيندي. ان باوجود مقامي چونڊيل نمائندا اقبال آفريدي، غني آفريدي، سهيل آفريدي چون ٿا ته آپريشن نه پيو ٿئي، جڏهن ته معاهدا ٿي چڪا آهن ۽ ماڻهو لڏي رهيا آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت کي پاڻ به صحيح ڄاڻ ناهي.
-
چيف سيڪريٽري پاران سنڌ سيڪريٽريٽ جو اوچتو دورو
ڪراچي(رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سوالين لاءِ قائم ڪيل استقباليه جو اوچتو دورو ڪيو، جتي هن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ايندڙ شهرين سان سڌي ريت ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلا پاڻ ٻڌا. چيف سيڪريٽري سنڌ سوالين جي مسئلن کي سنجيدگي سان وٺندي لاڳاپيل سيڪريٽرين کي موقعي تي ئي هدايتون جاري ڪيون ته عوامي مسئلن جو فوري ۽ مؤثر حل يقيني بڻايو وڃي ۽ غير ضروري دير يا پيچيدگين جو خاتمو ڪيو وڃي. ترجمان موجب چيف سيڪريٽري سنڌ هدايت ڪئي ته سوالين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن