وڌيڪ هڪ لک 74 هزار نان فائلرز جي فهرست تيار، گهريلو عورتون به شامل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) وڌيڪ هڪ لک کان مٿي نان فائلرز جي نئين فهرست تيار ڪري ورتي.
ايف بي آر ذريعن موجب هڪ لک 74 هزار نان فائلرز جي نئين فهرست تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ گهريلو عورتون به شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نان فائلرز مان گهڻن کي نوٽيس موڪليا ويا آهن، ايف بي آر نان فائلرز جي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي آن لائن ۽ گهر تي نوٽيس موڪلي رهيو آهي.
ذريعن موجب نان فائلرز دستاويزن سان گڏ 3 سالن جا ٽيڪس ريٽرنز جمع ڪرائيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.