ڪراچي ۾ بنيادي ڍانچي لاءِ 194 ارب رُپين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي\شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ڪراچي جي روڊن ۽ ٽريفڪ جي بنيادي ڍانچي کي بھتر بڻائڻ لاءِ مجموعي طور تي 194 ارب رُپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آھي. ھن چيو ته ٽريفڪ جي بنيادي ڍانچي کي بھتر بڻائڻ لاءِ شاھراھ ڀٽو ڪوريڊور، ملير ندي پُل ۽ مختلف انڊر پاسز ۽ فلائي اوورز تي ڪم جاري آھي، شاھراھھ ڀٽو، ملير ندي پُل ۽ انڊر پاسز ۽ فلائي اوورز جا منصوبا ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گھٽائڻ ۾ مدد ڏيندا ۽ شھري جي مجموعي آمدورفت ۾ تيزي ايندي. سندس چوڻ ھو ته ڪراچي جي اھم منصوبن تي ڪم مارچ  تائين شروع ٿي ويندو، معيار ۽ وقت جي پابندي کي ھر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو، ڪراچي ۽ ٻين وڏن شھرن ۾ 9 ڊسٽرڪٽ ھيڊڪوارٽرز اسپتالن جي توسيع ۽ نوان ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ 300 ارب رُپيا رکيا ويا آھن، 155.34 ارب رُپيا  ريڊ لائن، ييلو لائن ۽ گرين لائن بي آر ٽي منصوبن لاءِ رکيل آھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان چاھيون ٿا ته ڪراچي جا شھري ھر شعبي ۾ ترقي جي تبديلي محسوس ڪن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.