ڪوٽڏيجي (رپورٽ: ثناء الله بگٽي) ڪوٽڏيجي ڀرسان گذريل رت دير سان جھالو چوڪي جي حد ميرواھ لنڪ روڊ لاشاري پل وٽان نامعلوم هٿياربندن خيرپور کان ڳوٺ ايندڙ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺاڻي راجا ٻرڙو سندس زال فهميده ۽ ٻه معصوم ڌيئرن مٿان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب راجا جي گھر واري فھميده ۽ سندس 4 سالا معصوم ڌيءَ رابيه ٿڏي تي قتل ٿي ويا جڏهن ته راجا ۽ سندس ٻئي 6 سالا معصوم ڌيءَ راحيلا کي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا اطلاع تي ڪوٽڏيجي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي کڻائي آئي جتان زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور ريفر ڪيو ويو جڏهن ته اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ ڪري فوتي عورت ۽ سندس معصوم ڌي جو لاش 2 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيا ڊاڪٽرياڻي دير اچڻ بعد فوتي عورت ۽ سندس معصوم ڌي جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو جنھن بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا فوتين جا مڙهه اباڻي ڳوٺ دائم ٻرڙو پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو هوڏانهن پوليس زخمي راجا ٻرڙو جي ڏنل بيان تي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي پوليس شڪ جي بنياد تي نجم شاھ سليمان ٻرڙو سميت 5 ڄڻن کي کنڀي کڻي وڃي نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيا ياد رهي ته زخمي راجا ٻرڙو مٿان هڪ سال اڳ ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي ٻرڙا برادري جي نوجوان نياڻي شهربانو ٻرڙو جي اغوا جو ڪيس داخل ٿيل آهي جڏهن ته سيد برادري جي نياڻي سيده بيبي صائمه بانو جي به اغوا بعد زيادتي جو نشانو بڻائي بيدردي سان باھ ڏئي بنا غسل ڪفن جي دفنائڻ جو ڪيس راجا ٻرڙو مان داخل ٿيل آهي جنهن جي پڻ ڊي اين اي رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي هئي انهن ٻنهي ڪيس مان سندس ضمانت ٿيل آهي زخمي راجا ٻرڙو ڌر جا ماڻهو ڪيترا ڀيرا ٻرڙا ۽ سيد برادري وٽ فيصلي لاءِ ويا هئا ڌرين پاران معاملو ڪورٽ ۾ هجڻ ۽ فتوا ٿيڻ تائين ڳالھيون نه ڪرڻ جي موٽ ڏني وئي هئي، اهڙي واقعي خلاف ٻرڙا ۽ سيد برادري جي مرد ۽ عورتن سيد محسن شاهه، نياز شاهه، عبدالرحمان ٻرڙو، آفتاب ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن دوران متاثرن ڪوٽڏيجي پوليس ۽ زخمي ٿيندڙ راجا ٻرڙو ۽ ٻين خلاف دانهيندي ٻڌايو ته راجا ٻرڙو هڪ سال اڳ سيد نياز شاهه جي نياڻي کي زبردستي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻائي بنا غسل ڪفن جو دفنايو ويو هو جنهن جو ڪيس هلندڙ آهي ان کان علاوه ساڳيو ئي جوابدار علي نواز ٻرڙي جي به نوجوان نياڻي شهربانو ٻرڙو کي به اغوا ڪري کڻي وڃي گم ڪري ڇڏيو جيڪا هن وقت تائين گم آهي بازياب نه ٿي سگهي آهي،قتل الزام هيٺ ڌر جو چوڻ آهي ته ڪوٽڏيجي پوليس رات دير سان اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري اسان جا 5 ڄڻا بنا جواز کنڀي کڻي وڃي گم ڪري ڇڏيا آهن اسان نه راجا ٻرڙو تي حملو ڪيو آهي نه ئي هن واقعي سان ڪو تعلق آهي آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور واقعي جو نوٽيس وٺي قرآن پاڪ تي شفاف نموني سان جاچ ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس موجب واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي مقتولن جا وارث جيئن ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو