پنجاب ۾ پنجابي ٻوليءَ جي لاءِ پيار ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي، هو آهستي آهستي پنجابي ٻوليءَ کي اردوءَ تي فوقيت ڏيئي رهيا آهن. تازو مختلف رستن روڊن چوڪن تي لکيل اردو نالن کي مٽائي پنجابي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي. هڪ قوم جي لحاظ سان اهو سندن بنيادي حق آهي جيڪو کين ملڻ گهرجي. اهو پنجاب ئي هو، جنهن سنڌي توڙي بنگالي ٻوليءَ جي ساڙ ۾ پنهنجي قومي ٻولي، جيڪا بلي شاهه، بابا فريد جي ميراث طور وٽن موجود هئي، کي لتاڙي قومي ٻولي اردو ٻوليءَ جو بي سرو راڳ ڳايو. اقبال ته ٺهيو پر فيض جهڙي ترقي پسنديءَ جي دعويدار به پنهنجي مادري زبان يا قومي ٻوليءَ کي پٺي ڏني.
هاڻي جڏهن پنجاب ۾ ٻوليءَ جي حب ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ اندر اڳ ۾ ئي اردو دانن جي نفرت ۽ تعصب توڙي ساڙ ۽ ڪيني واري روش کين سوڙهو ڪري ڪنڊائتو ڪري ڇڏيو آهي ته هي مهل آهي جتي سنڌ ۾ ڄاول اردو دانن جي ٽهيءَ کي ويچارڻ گهرجي ته سندن مستقبل ڇا ٿيندو؟ اردو ميڊيا پوءِ اها اليڪٽرانڪ هجي يا پرنٽ، سدائين سنڌ پرست تنظيمن توڙي سنڌي قوم کي تعصب پرستيءَ جا طعنا ڏيندي رهندي آهي پر کين اهو نظر نه ٿو اچي ته سنڌ ۾ رهندڙ هر اصلوڪو سنڌي اڄ اردو ڳالهائي، پڙهي لکي ۽ سمجهي سگهي ٿو. پر اسي سالن ۾ بهار، يوپي، سي پي مدراس، راجپوتانه، علي ڳڙھ کان آيلن مان ڪيترا آهن جيڪي سنڌي لکي پڙهي ڳالهائي يا سمجهي سگهڻ جي قوت رکن ٿا؟ پوءِ تعصب پرست ڪير؟ هندستاني پناهگير يا ڌرتيءَ ڌڻي؟
سنڌي ڪنهن به صورت ۾ تهذيبن، ثقافتن، روايتن، ٻولين، مذهبي توڙي انساني آزاديءَ جي راھ ۾ رنڊڪ نه بڻيا آهن. سنڌ ته تهذيبن جي امڙ آهي ۽ ماءُ کي ڪارا ڪوجها، سهڻا، سياڻا اٻوجھه توڙي موڇارا سڀ جو سڀ ٻچا هڪ جهڙا ۽ هڪ جيترا پيارا هوندا آهن. سنڌ ڪڏهن به ڪنهن ٻوليءَ جي خلاف نه پر سدائين پنهنجي ٻولي ۽ سڃاڻپ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي جيڪو سنڌ جو تواريخي ۽ بنيادي حق آهي جنهن تي ڪنهن به صورت ۾ ڏيتي ليتي ڪرڻ جو سوچڻ به گناهه برابر آهي. سنڌ جي سڃاڻپ ابدي ۽ ازلي آهي ان کي ميساريندڙ پاڻ ميسارجي ويندا. سنڌي ڪنهن به صورت ۾ نه يهودي بڻجندا ۽ نه ئي وري فلسطيني!
هن مهل سوال سنڌ جي سڃاڻپ يا سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو نه آهي! سنڌ وسيلن تي قبضي توڙي نفرت جي هن ماحول ۾ پنهنجو وجود قائم رکندي پئي آهي. سنڌ جي سمورن انهن شهرن، جتي نوي کان اڳ اردو دانن جي گهڻائي هئي، اڻ ڌري ڪنهن بين الاقوامي اداري کان سروي ڪرائڻ سان ئي خبر پئجي ويندي ته سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ هر سال وڌي رهيو آهي ۽ اردو دانن جو انگ هر سال گهٽجي رهيو آهي! سو سوال اهو آهي ته اردو ٻوليءَ جي بقا توڙي اردو دانن جي سڃاڻپ جو! ڇا سندن سڃاڻپ ڏتڙيل يا ڌرتيءَ ڌڪاڻيل پناهگير واري آهي ۽ اها قيامت تائين رهڻي يا کين قبول آهي؟
پناهگير يا مهاجر ڪنهن کي چئبو آهي ان تي بحث اجايو آهي. اردو دان هجرت کي رسول اڪرمﷺ جي نسبت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر رسول اڪرم ﷺ جن به هجرت کان پوءِ پاڻ کي مهاجر نه سڏايو ۽ مدني بڻجي ويا! پوءِ سُنت تي عمل ڪرڻ کان کين ڪنهن روڪيو آهي. اهي جيڪي ڏُتڙجي يا تڙجي يا وري مفادن خاطر توڙي قبضي خاطر پنهنجي ڌرتي ڇڏي سنڌ آيا. سي سڀ جو سڀ قبرن حوالي وڃي ٿيا آهن، ڪراچي حيدرآباد سکر نوابشاھ ميرپور خاص توڙي سنڌ جي ٻين شهرن توڙي ڳوٺن ۾ رهندڙ نه ڪو پناهگير آهن ۽ نه ئي وري مهاجر! اهي سنڌ جي ڌرتيءَ تي ڄاوا نپيا آهن سندن وڏا سنڌ ۾ دفن ٿيا کين به سنڌ ۾ دفن ٿيڻو آهي ته پوءِ پاڻ کي پناهگير يا مهاجر چوڻ کل جوڳو عمل نه آهي؟
اهي ساڳيا ئي ماڻهو جڏهن يورپ آمريڪا توڙي ڪيناڊا يا ٻين ملڪن ڏانهن لڏي وڃن ٿا اتي کين ڪا اولاد ٿئي ٿي ته ترت ان کي ان ملڪ جي قوميت جي حساب سان رجسٽر ڪرائين ٿا اتي سندن مهاجر قوميت دفن ٿي وڃي ٿي ڇا؟ اتي ته هو پنهنجي اولاد کي مهاجر طور رجسٽر نه ٿا ڪرائين! وقت واريءَ جيان وهي چڪو آهي پر اڃا به ڪي داڻا هٿن ۾ محفوظ آهن. هندستاني پناهگيرن جي هتي ڄاول نسلن کي ويچارڻ گهرجي ته سندن نالي ۽ ڪوڙي قوميت جي نالي تي سياست ڪندڙ هزار کان پندرنهن سو اڳواڻن جي لسٽ تيار ڪري 1990 کان اڳ سندن مالي حالت ۽ رتبو چڪاسين ۽ اڄ بنا ڪنهن ڪاروبار جي بنا ڪنهن ٻني ٻاري جي سندن مالي حيثيت ڇا آهي؟ اهي پناهگيرن جا هڏ ڏوکي آهن يا پيٽ پوڄاري؟ توهان نفرت ۽ مندائي من مان ڪڍي رڳو هڪڙو قدم سنڌ ۾ سمائجڻ لاءِ وڌايو ۽ ڏسو سنڌ اوهان کي 47 واري محبت کان هزارين ڀيرا وڌيڪ پيار آڇيندي! اوهان کي ڳلي لائيندي!
ٻي صورت ۾ انگن اکرن جي جاچ وٺو! نوي کان پوءِ سنڌين پنهنجن شهرن جي مالڪي شروع ڪئي، ٻوري بند لاش، طاقتور ماڻهن جي پٺ ڀرائي سان سنڌين جي نسل ڪشي ڪرڻ جي باوجود سنڌين جو انگ ڪراچي حيدرآباد ۾ وڌيو آهي يا گهٽيو آهي؟ سنڌي قوم جي فطرت ۾ مزاحمت رهي آهي سندس. فطرت پلي مڇيءَ واري آهي سدائين پاڻيءَ کي چيري اڳتي وڌڻ واري، ”لوڪ وهي لنهواريو تون اوچو وڃ اوڀار“ چوندڙ شاھ لطيف سندن رهبر آهي. ايم آر ڊي ويجهي ماضيءَ جو قصو آهي تواريخ جا ورق اٿلائي ڏسو.