اسلام آباد(امتياز گل)نه ڊالر آهن، نه سيڙپڪاري، ٽيڪسٽائل ملون بند ٿيڻ لڳيون، برآمد گهٽجي وئي، وڌندڙ بي روزگاري: استحڪام ڪڏهن ايندو؟مارڪيٽ ۾ هاڻي ڊالر موجود ئي ناهن، تمام ڪوششن باوجود ڊالر نٿا ملن. ٻي پاسي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ڪمپنين تي پابنديون لڳايون آهن ته هو پنهنجي فرنچائز، ٽيڪنيڪل سروسز وغيره لاءِ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ وڌ ۾ وڌ صرف 8 سيڪڙو ادائگي ڪري سگهن ٿا. نيون ڪمپنيون هڪ سال ۾ وڌ ۾ وڌ ٻه کان اڍائي لک، يعني ٻه لک پنجاهه هزار ڊالر کان وڌيڪ ٻاهر نٿيون موڪلي سگهن.ٻئي طرف آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڪامران ارشد چيو آهي ته هن وقت 144 ٽيڪسٽائل ملون بند آهن، ٻئي پاسي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) آهي، جنهن سو بلين ڊالر، پنجاهه بلين ڊالر، پوءِ پنج بلين ڊالر جي سيڙپڪاري جا وڏا وعدا ڪيا، پر عملي طور ڊالر نٿا ملن. البت سعودي عرب جو اعليٰ ترين اعزاز ضرور مليو آهي،ناليواري معاشي ماهر جاويد حسن چيو آهي ته اقتصاديات ۾ هميشه سوال اهو هوندو آهي ته فائدو آخر ڪنهن کي ملي رهيو آهي؟ مثال طور اسان جي CDS (ڪريڊٽ ڊفالٽ سوئاپ 40 سيڪڙو کان گهٽجي 4 سيڪڙو ٿي وئي، ظاهر آهي اها خوشي جي ڳالهه آهي. پر سوال اهو آهي ته ان جو فائدو ڪهڙي ماڻهو کي ٿيو؟ڇا ان سان 22 سيڪڙو بي روزگار ماڻهن کي ڪو فائدو ٿيو؟ ڇا انهن 45 سيڪڙو ماڻهن کي فائدو ٿيو، جيڪي غربت جي لڪير کان هيٺ آهن؟ پاڪستان ۾ ڪڏهن به ايتري غربت نه هئي،هن چيو ته اسان جي معاشي اوسر جي شرح ڏسو. پاڪستان ۾ جيستائين گهٽ ۾ گهٽ 5 سيڪڙو واڌ نه ٿيندي، تيستائين نوڪريون پيدا نٿيون ٿين. هر سال 15 کان 20 لک نوان ماڻهو جاب مارڪيٽ ۾ اچن ٿا. گذريل ٽن سالن ۾ واڌ جو انگ رڳو 1.7 سيڪڙو، يعني ٻه سيڪڙو کان به گهٽ رهيو آهي. اهڙي واڌ سان نه روزگار وڌي ٿو، نه خوشحالي.هن چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت جون ترجيحون آخر آهن ڇا؟ زبردستي دٻاءُ وجهي عارضي استحڪام ته آڻي سگهجي ٿو، پر ڇا اهڙي استحڪام جي ضرورت آهي؟نه تعليم بهتر ٿي رهي آهي، نه هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ ڪا خاص بهتري آهي.هن چيو ته صنعتن جي حالت اها آهي جو تقريبن هر هفتي ٻڌون ٿا ته ڪا نه ڪا ملٽي نيشنل ڪمپني ملڪ ڇڏي رهي آهي. صنعتي بنياد وڌڻ بدران ختم ٿي رهيو آهي. اسان ڪوريا سان مقابلو ڪندا آهيون، جتي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ آمرانه حڪومت هوندي به 6 کان 7 سيڪڙو واڌ سان صنعتي بنياد مضبوط ٿيو. پاڪستان ۾ اهڙو ڪجهه به نظر نٿو اچي،هن چيو ته جيڪڏهن دبئي، ابوظهبي ۽ قطر ڏانهن نظر وجهون ته اتي جمهوريت نه هئي، بادشاهتون هيون، پر حڪمراني، سهولتن، صنعتي زونن، ۽ ٽيڪنالاجي ۾ انهن غير معمولي ترقي ڪئي. پر پاڪستان سان سڌو مقابلو ڪرڻ لاءِ سري لنڪا ۽ ڀارت وڌيڪ مناسب مثال آهن،هن چيو ته سري لنڪا ڊيفالٽ ٿيڻ باوجود هاڻي 5 سيڪڙو واڌ ڏانهن وڃي رهيو آهي. ان جي في ڪس آمدني پاڪستان کان ٻيڻي آهي، خواندگي لڳ ڀڳ 100 سيڪڙو آهي، ۽ هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس پاڪستان کان گهڻو بهتر آهي. ڀارت به جمهوريت هيٺ رهندي معاشي طور اڳتي نڪري ويو آهي،هن چيو ته اصل مسئلو اسان جي غلط ترجيحن ۽ وسيلا ورهائڻ جو آهي. هر سال اربين ڊالر پرڏيهه ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني موڪلين ٿا، پر سوال اهو آهي ته اهو پئسو وڃي ڪٿي ٿو؟هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي تي تمام گهڻو خرچ ٿئي ٿو، دفاع، بيوروڪريسي ۽ پينشنز تي وڏا خرچ آهن، جڏهن ته تعليم، صحت ۽ انساني وسيلن تي گهٽ خرچ ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ماڻهو پڙهيل لکيل نه هوندا، مهارتون نه هونديون، ته سيڙپڪاري ڇو ايندي؟سيڙپڪار ان ڪري نٿا اچن ته آبادي گهڻي آهي، پر ان ڪري اچن ٿا جو ماڻهو ماهر، تعليم يافته ۽ پيداوار جي قابل هجن. ويٽنام ان جو مثال آهي.آخر ۾ ڳالهه اها آهي ته صرف جيو پوليٽيڪل اهميت، هٿيارن جا معاهدا يا فوج موڪلڻ سان عام ماڻهو کي فائدو نٿو ملي. اصل سوال اهو هجڻ گهرجي ته عوام کي ڇا ملي رهيو آهي؟معاشي بهتري لاءِ قانون جي بالادستي، شفافيت، اعتماد، تعليم، مهارتون ۽ صنعتي ترقي بنيادي شرط آهن. جيڪڏهن اهي نه هوندا، ته استحڪام رڳو نالي جو رهجي ويندو.