سنڌ اسيمبلي ۾ بدامني،پاڻي کوٽ ۽ منشيات وڪري جون دانهون

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾  ٿر ڪول انرجي بورڊ ترميمي بل منظور ڪيو ويو ۽ عيسائي برادري جي مذهبي تهوار ڪرسمس جي موقعي تي کين مبارڪباد جي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي، اقليتي معاملن بابت خاص مددگار سنڌ ايڊواني چيو ته ڪرسمس محبت ۽ امن جو نالو آهي، هي تهوار اسان کي مذهبي رواداري قائم ڪرڻ جودرس ڏئي ٿو. ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني ، پي ٽي آءِ جي شبير قريشي جماعت اسلامي جي محمد فاروق چيو ته اسلام جو نالو امن آهي، مان پاڪستاني عيسائي برادري کي هن تهوار تي مبارڪباد ڏيان ٿو. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته مان هڪ عيسائي اسڪول ۾ پڙهندي هيس مخالف ڌر جي ميمبرن عوامي هنڌن تي ٽوائليٽ جي عدم دستيابي جو مسئلو اٿاريو. قاسم سراج سومرو ايوان کي ٻڌايو ته شهر جي سڀني عوامي پارڪن ۾ عوامي ٽوائليٽ قائم ڪيا ويندا، صفائي لاءِ باقاعده عملو مقرر ڪيو ويندو. شهر ۾ پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان هن چيو ته ڪراچي ۾ ايترو پاڻي ناهي جيترو ان جي ضرورت آهيايم ڪيو ايم جي قرة العين پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته سنڌ ۾ منشيات جو استعمال وڌي رهيو آهي، سنڌ حڪومت ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي؟ تعليمي ادارن ۾ به ٻارن کي منشيات ملي رهي آهي.ايڪسائيز ۽ نارڪوٽڪس واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته سڄي صوبي ۾ منشيات خلاف ڪارروائيون جاري آهن. پي ٽي آءِ جي سجاد سومرو پنهنجي اعتراض واري نقطي ۾ لياري مان هڪ ٻار جي اغوا جو معاملو اٿاريو، جنهن تي گهرو وزير يقين ڏياريو ته ٻار تمام جلد بازياب ڪرايو ويندو. هن چيو ته مان ايوان ۾ واعدو ڪريان ٿو ته ٻار محفوظ طور تي واپس ايندو،جڏهن ته اجلاس ۾ هٿياربند فوج جي مسلسل ڪاميابين لاءِ دعا کان علاوه شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مغفرت لاءِ به دعا گهري وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.